
Ismail Panhwar
#Happy_Birthday_To_Sain Peer Muazam Ulhaq
عظيم انسان پير معظم الحق صاحب جا ھميشھ مون تي احسان رھيا آھن جو انھن ھر وقت منھنجو خيال رکيو آھي ساڻن 45 سالن کان تعلق آھي شروعات ان وقت کان ٿي جڏھن پير صاحب ادو غلام حيدر آرائين کي چيو تـ اسماعيل پنھور کي پيارو ڳوٺ وٺي اچ تـ ساڻس ڪچھري ڪيون تڏھن سائين پير معظم الحق دادو شگر ملز پيارو ڳوٺ ۾ آفيسر ھئا ۽ سندس ڪري شگر مل جي ڪرڪيٽ ٽيم جو بنياد پيو ۽ پير صاحب ٽيم جا ڪپتان ھيا اسان جي شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ڦلجي اسٽيشن سان ڪافي ميچز ٿيا ادو غلام حيدر آرائين ۽ غلام شبير آرائين دادو شگر ملز پياروڳوٺ ڪرڪيٽ ٽيم جا پلئير رھيا بعد ۾ پير صاحب پاڪستان ڪسٽم ۾ جوائن ڪرڻ کان پوء ڪراچي اچي ويا ۽ پاڪستان ڪسٽم جي ٽيم جي نمائندگي ڪئي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جلال الدين ۽ وڪيٽ ڪيپر سليم يوسف سندن دوست آھن . پير معظم الحق ننڍپڻ ۾ ريڊيو ۽ اسٽيج تي ڪم ڪري چڪا ھيا بعد ۾ کين پاڪستان ٽيليويزن تان ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر آئي جيڪا ھنن قبول ڪئي۽ ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا آھن ۽ ڪافي اردو ۽ سنڌي فلمن يادگار ڪردار ادا ڪيا آھن ۽ پاڻ پيپلز پارٽي جو سچو ڪارڪن ڪيترا ڀيرا جيل بـ وڃي چڪا آھن ۽ ھميشھ الڪيشن ۾ پنھنجي ڀاء سائين پير مظھر الحق لاء سندن ڀائٽي ۽ ڀائٽيو پير مجيب الحق لاء بـ اليڪشن ۾ ڀرپور ڪم ڪندا آھن پير صاحب ڪرڪيٽ کيڏڻ سان گڏ ڪرڪيٽ ٽيمن جي سرپرستي ڪندا رھيا آھن
۽ ڪرڪيٽرن کي بـ پروموٽ ڪندا رھندا سنڌ جي اندر سماجي ڪمن ۾ بـ ڀرپور حصو وٺندا آھن پوء اھو سنڌ جو ڏتڙيل علائقو ٿر ھجي يا منڇر جو ڳوٺ شيخ ڌمڻ ھجي پاڻ ھميشھ غريبن جي مدد ڪندا رھندا آھن سائين پير معظم جي سرپرستي ۾ مون ڪافي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيون ڪجھ اسٽيج ڊراما ۽ ويرائٽي پروگرام بـ آرگنائيز ڪيا ان وقت آرٽس ڪاونسل ڪراچي جي يوٿ ڊراما فيسٽول ۾ اسٽيج ڊرامو مٽي
جا ماڻھون پيش ڪيو جنھن کي گھڻي پذيرائي ملي ھن وقت سندن اردو فلم دو بوند پاني مڪمل ٿي آھي جيڪا جلد رليز ٿيندي
محترم پير معظم الحق جو اڄ جنم ڏينھن آھي ان موقع تي کيس لک لک مبارڪون رب پاڪ کان دعا آھي کين صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ اڻ ڳڻيون ڪاميابيون عطا ڪري آمين
Pir Moazam
Ghulam Hyder Arain
Abdul Razaque


