
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ اونگر لڳ وليد ڪول مائينز ڪمپني جي مالڪ شاھ ڪمين خان پٺاڻ پاران اونگر جي رھواسي مقامي زميندارن آدم ٻٻر، سامانو ٻٻر، مجنو ٻٻر، مريد ٻٻر، صفر ٻٻر، محمد يعقوب ٻٻر جي خلاف جھرڪ ٿاڻي تي داخل ڪرايل FIR گناھ نمبر 75/2023 قلم 324، 506/2،447, 504, 147,148,149,337H2 PPC ۾ اڄ سيشن ڪورٽ ٺٽو جوابدار ڌر آدم ٻٻر ۽ ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ھن ڪيس ۾ جوابدار ڌر آدم ٻٻر ۽ ٻين پاران ڪيس جي پيروي وڪيل منور علي ڀٽو پاران ڪئي ويئي. جنھن جو چوڻ ھو تہ ڪوھستان ۾ ڌارين جي ظلم ڏاڍ جي ستايل مظلوم سنڌي ماڻھن جي مالڪي ڪري کين ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين.
======================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايڇ او مڪلي سب انسپيڪٽر علي اصغر شاھ گشت دوران گندرا گولائي باء پاس روڊ مڪلي تي ڪامياب ڪاروائي ڪندي ھڪ بدنام منشيات فروش مامون ولد سومار گندرو کي 1080 گرام چرس سميت گرفتار ڪري مٿس مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ سميت ساڳئي پوليس پاران مقامي رھواسين تي حملا ڪندڙ روپوش منشيات فروش جوابدار رحيم گندرو کي گرفتار ڪري کيس پڻ مختلف روپوش ڄاڻايل ڪيسن ۾ چالان ڪري ڇڏيو آھي، جنھن خلاف ڪافي شڪايتون مڪلي ٿاڻي تي داخل ٿيڻ سميت سندس برادري جي ماڻھن پاران احتجاج ڪندي درج ڪرايون ھيون، جنھن جي آڌار تي مڪلي پوليس کيس گرفتار ڪري ڳوٺاڻن ۽ شھرين کي ان مان نجات ڏياري ڇڏي آھي، جنھن جون مڪلي تي کلي عام ڪچي شراب ٺري جون بٺيون ھلي رھيون آھن، جتان نوجوان شراب وٺي پيئڻ بعد شھرين ۽ ڳوٺاڻن جو سڪون برباد ڪن ٿا، جن خلاف پوليس سخت ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي.
========================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پريس ڪلب مڪلي جي ميمبر صحافي سيد امداد شاھ جو پٽ سيد ڪامل شاھ مڪلي تي موٽر سائيڪل حادثي ۾ زخمي ٿي پيو آھي، جنھن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، کيس ھڪ پير ۾ سخت زخم رسيا آھن، جنھن جو علاج جاري آھي.
=========================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)ايشيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ، مدبر، محقق, ليکڪ, سنڌو درياه جي وڪيل, ڪوٽ لکپت جي فاتح, ضمير جي قيدي, ايم آر ڊي جدوجهد جي مهندار, سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سياست جا نوان انقلابي گس ڏيندڙ, سنڌ جي انتهائي پٺتي پيل قبائلي ۽ جاگيرداري سماج ۾ سنڌ جي مظلوم ۽ پورهيت عورتن ۾ سياسي سجاڳي, سمجه ۽ شعور جا ڏيئا روشن ڪري سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي قومي, طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرائيندڙ عوامي تحريڪ جي سربراه محترم رسول بخش پليجي صاحب جي سڀاڻي پنجين ورسي ملهائي ويندي. عوامي تحريڪ طرفان پليجي صاحب جي ورسي جي مناسبت سان سندس آخري آرامگاه تي منعقد ڪيل جلسي عام جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. جلسي عام ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش ٺاهي وئي آهي. عورتون، ٻار ٻڍا، نوجوان، شاگرد، هاري ۽ مزدور وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي پنهنجي عظيم قائد کي ڀيٽا پيش ڪندا. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز ۽ پريڊ ڪري پليجي صاحب کي ثقافتي رنگن سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. قومي فنڪار به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پنڊال جهومائيندا. ملڪ جي سياسي اڳواڻن، رسول بخش پليجي صاحب جي ويجهن دوستن، شاعرن، اديبن، صحافين، وڪيلن سميت سڀني پيشن سان لاڳاپيل شخصيتن کي جلسي عام جون دعوتون ڏنيون ويون آهن. ورسي ۾ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويندا. پليجي صاحب جي سنڌ بابت لکيل مضمونن جو ڪتاب، مائوزي تنگ جي ادب بابت پليجي صاحب جو ترجمو ٿيل ڪتاب ۽ مائو تي پليجي صاحب جي لکيل مقالي جا ڪتاب سميت ساٿي پرويز جو پليجي صاحب تي لکيل ڪتاب جي مهورت ڪئي ويندي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ گهنور خان زئور ۽ ڄام تماچي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي جي جلسي عام ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي عوام سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاء قراردادون پيش ڪيون وينديون. موجوده ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال متعلق تقريرون ڪيون وينديون. ملڪ جي معاشي گهوٽالي جي حقيقي سببن تي ڳالھيون ٿينديون. ورسي جي حوالي سان جنگشاهي ۽ ان جي آس پاس ڳوٺن ۽ شهرن کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي. جنگشاهي، ٺٽي، مڪلي، گجو ۽ ٻيا شهر عوامي تحريڪ جي جهنڊن، ورسي جي دعوتن جي پينافليڪس ۽ وال پوسٽرن سان سينگارجي چڪا آهن. هي ورسي جو جلسي عام ملڪ جي عوام دوست حلقن کي ميڙي مٺي ڪرڻ لاء اهم وک ثابت ٿيندو. نيشنل پارٽي جي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير مالڪ بلوچ، شهيد عثمان ڪاڪڙ جي پٽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي صدر خوشحال خان ڪاڪڙ، عوامي ورڪرس پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لعل شاه، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نخبه تاج لانگاه، مزدور ڪسان پارٽي جي صدر تيمور رحمن، استقلال پارٽي جي صدر سيد منظور گيلاني، سرائيڪستان قومي تحريڪ جي چيئرمين خواجا غلام فريد ڪوريجا، سرائيڪي اديب، سرائڪستان قومي ڪائونسل جي اڳواڻ ظهور ڌاريجا، پاڪستان قومي محاذ آزادي جي ڪنوينر اظهر جميل، سينيئر بلوچ اڳواڻ رئوف ساسولي، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر شاهي سيد، سرائيڪي عوامي سنگت جي اڳواڻن طارق محمود، مشتاق فريدي، نظير لغاري، سرائيڪي جي عورتن جي تنظيم جي اڳواڻ عابده نظير، ناليواري دانشور، محقق يوسف شاھين، جامي چانڊئي، جڳ مشهور آرٽسٽ شيما ڪرماني، سگا جي چيئرمين علي حسن بروهي، سيڪريٽري ولي محمد روشن، علي احمد ميمڻ، شعيب بڪڪ، اڪبر ملڪ، صحافي علي قاضي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مجاهد بريلوي، سينيٽر مشاهد حسين سيد، سرور باري، خدا ڏنو شاه، شاه محمد مري، عاليه بانو، لطييف انصاري، امينا زمان، شازيه خان، نگهت سعيد _ بني، فرزانه باري، انيس هارون، عاليه بخشل، ميڊم ممتاز ڀٽو، سنڌ صحافي اتحاد جي سربراه نعمت کهڙي، دودي چانڊئي، فقير سليم، ضياء قريشي، ذوالفقار راڄپر، ذوالفقار واهوچو، فياض نائچ، ذولف پيرزادو، حميده گهانگهرو، مهتاب محبوب، شڪيل سومرو، ارم محبوب، ماهين هيسباڻي، ماروي هيسباڻي، سبرين هيسباڻي، ڊاڪٽر شفقت عباسي، ارباب چانڊئي، اقبال ملاح، اسحاق مڱرئي، لال رحمان سمون، ڊاڪٽر بختاور ڄام، اياز علي شيخ، ڊاڪٽر اعجاز شيخ، سليمان جي ابڙو، مصطفى بلوچ، نور محمد بجير، ڪاشف بجير، گل بدن جاويد، مجدد شيخ، ماما يوسف لغاري وڪيل، ميڊم تهمينا مفتي، پائلر جي سربراه ڪرامت علي، مصطفي ٽالپر، ابراهيم ڪنڀر، عمران راڄڙ، غلام رسول ڪنڀر صحافي، جاويد سوز هالائي شاعر، زاهد ٿيٻو ۽ ٻين سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، محققن، صحافين، وڪيلن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. جيڪي ورسي ۾ پليجي صاحب جي انقلابي ڪردار, شخصيت ۽ سياسي جدوجهد تي روشني وجهندا.
=============================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ميرپورساڪرو روڊ ڄام برانچ تي زميندار جي زيادتين خلاف سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج ٻن ڪلاڪن تائين کان لنڪ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو، جنهن سبب ڪراچي کان ساڪرو ويندڙ سوين مسافر ۽ سوين گاڏيون ڦاٿل رهيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندي متاثر ڳوٺاڻن ٺارو جوکيو، ڀورو جوکيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جو هڪ بااثر زميندار ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي مسلسل تنگ ڪندو رهي ٿو. ان بااثر زميندار جي مينيجر سندس زمين ۾ ويندڙ ڳوٺاڻن جي بي زبان جانور جي ھڪ ٻڪري ءَ کي زبردستي ذبع ڪري زمين کان ٻاهر اڇلائي ڳوٺاڻن کي ڌمڪي ڏني آهي ته سندس زمين ۾ جيڪو به ايندو ان کي ان طريقي سان ذبع ڪيو ويندو، ھنن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري ٿيل نقصان جي ازالي سميت بااثر زميندار ۽ ان جي مئنيجر خلاف ڪاروائي ڪري کين بااثر زميندار جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، بئي طرف ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد گهارو پوليس ٻڪري کي ڪُهي اڇلائيندڙ بااثر زميندار جي مينيجر فراز خليل کي حراست ۾ وٺي جانچ جاري ڪري ڇڏي آھي.
===========================


