“ملڪ جو مستقبل تابناڪ، معيشيت مضبوط، دفاع محفوظ هٿن ۾” – محسن شيخاني سان خصوصي گفتگو

“ملڪ جو مستقبل تابناڪ، معيشيت مضبوط، دفاع محفوظ هٿن ۾” – محسن شيخاني سان خصوصي گفتگو

تفصيل:
پاڪستان جي هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري کي 40 سالن کان نئين شڪل ڏيندڙ مشهور بزنس مين، اَباد جو اڳوڻو چيئرمين ۽ سرپرست اعليٰ محسن شيخاني چوي ٿو تہ “پاڪستان جو مستقبل تابناڪ آهي، معيشيت ڏينهن ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي، ۽ ملڪ جو دفاع محفوظ هٿن ۾ آهي.”

هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي معيشيت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششن کي سراهيو. “حال ۾ ٿيل انٽرنيشنل منرل ڪانفرنس، جنهن ۾ دنيا جا اڪثر ماڻهو شرڪت ڪئي، پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. اسان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت آهي، ۽ حڪومت جون پاليسيون صحيح رخ تي آهن.”

هن مشڪل وقت ۾ حڪومت جي بهادراڻا فيصلن کي سٺو قرار ڏنو. “سرمائيدارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي، ۽ اهو ئي گهربل هو. جڏهن اڪسپرٽن کي موقعو ڏنو وڃي، دوستانه ماحول هجي، ته سرمائيداري پاڻ مرادو اچي ٿي—روزگار وڌن ۽ ملڪ ترقي ڪري ٿو.”

اپنا تبصرہ بھیجیں