جامع مسجد سادات ريشم گلي وٽان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي سربراھ شاداب رضا نقشبندي جي هدايتن تي پي ايس ٽي ضلعي طرفان وڌندڙ مهانگائي، بدامني ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف شهر جي جامع مسجد سادات ريشم گلي وٽان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پي ايس ٽي سنڌ جي سينئر صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروهي، ضلعي صدر حافظ مدد علي قادري، مفتي عبدالرحمان قاسمي، حافظ عبدالغفار، عبدالستار منگي، گلاب خان کچي، عطاء الله ابڙو، حافظ محمد اسحاق ٽڳڙ، مولانا رياض قاسمي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت کائڻ پيڻ جي شين سميت عام واهپي جون ڪيتريون ئي شيون سستيون ٿيون آهن، پر واپارين پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪندي ڪائي به شيء سستي ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ جو ضلعي انتظاميه خود انهن منافي خور واپارين سان ٻڌل آهي. هنن چيو ته هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي شهر ۾ امن و امان جي صورتحال خراب ٿيل آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي هڪ بهترين آفيسر آهي، پر هتي پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت هلي رهي آهي، جنهن سبب پوليس مجبور ٿي وئي آهي، تازو تعلقي رتيديري ۾ ويسر ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ پڻ ڪيترو ئي نقصان ٿيو آهي، هٿياربند سرعام فائرنگ ڪندا رهيا، جنهن ڪري شهر نو گو ايريا بڻجي ويو ۽ ماڻهن وچ ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته منافي خور واپارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ سان گڏ شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں