
ڪراچي (7 جنوري)؛ ڪراچي جي عوام لاءِ خوشخبري – ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽريفڪ جام کان بچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي – سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 11 جنوري تي هاءِ اسپيڊ ڪوريڊور ملير ايڪسپريس وي جي پهرين حصي جو افتتاح ڪندو. ڪورنگي ڪاز وي کان شاهه فيصل تائين 9.1 ڪلوميٽر جو شروعاتي حصو ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو بهتر رابطي ۽ ٽريفڪ جي وهڪري کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. افتتاح جو فيصلو وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل هڪ اجلاس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو. اجلاس ۾ منصوبي جي آخري مرحلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزير بلديات سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري سنڌ آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملير ايڪسپريس وي نياز سومرو شرڪت ڪئي. ملير ايڪسپريس وي سنڌ جو سڀ کان وڏو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبو آهي. هي جديد سهولتن سان ليس ٻنهي پاسن کان ٽي طرفي روڊ آهي. لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر ڊگھو ايڪسپريس وي ڪورنگي ڪريڪ ايونيو (DHA) کي M-9 موٽر وي (سپر ھاءِ وي) سان ڪاٺوڙ جي ويجھو ڳنڍي ٿو. اهو مسافرن لاء هڪ اهم رابطو مهيا ڪري ٿو ۽ خاص طور تي سفر جو وقت گھٽائي ٿو. ترقي يافته خاصيتون ۽ رابطا: اهم رهائشي ۽ تجارتي علائقن تائين آسان پهچ لاءِ ايڪسپريس وي تي خاص انٽرچينج شامل ڪيا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ تيز ٽريفڪ جي وهڪري لاءِ هڪ ريمپ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان گڏ ڪورنگي کان هڪ ڪنيڪٽنگ فلائي اوور پڻ بڻايو ويندو جيڪو ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ڄام صادق انٽرچينج، اي بي ايم ۽ شاهه فيصل انٽرچينج جي روڊن جي بحالي جا منصوبا جاري آهن. قائد آباد انٽرچينج تي حددخلين جو خاتمو ڪرايو ويو آهي ۽ تعمير جو ڪم جاري آهي. ٽول ٽيڪس ۽ حفاظتي اپاءَ: ٽول پلازه ٽريفڪ جي وهڪري کي منظم ڪندو جتي ڪارن ۽ جيپن کان 100 رپيا ۽ وڏي گاڏين کان 200 رپيا اوڳاڙيا ويندا. حفاظتي قدمن ۾ ٽريفڪ پوليس، فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 ايمبولينسن جو گشت شامل هوندو. وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ڄام صادق، اي بي ايم ۽ شاهه فيصل انٽرچينج سميت اهم داخلي ۽ خارجي رستن تي ضلعي ۽ ٽريفڪ پوليس کي مقرر ڪن. ايڪسپريس وي جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ پوليس گاڏيون مسلسل گشت ڪنديون. ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص ٽريفڪ پوليس موجود هوندي. ٽريفڪ قانون ۽ پابنديون: وڏي وزير شاهه فيصل انٽرچينج کان شاهه فيصل ڪالوني پل تائين سيڪشن کي نو پارڪنگ زون قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايڪسپريس وي تي فقط ڪمرشل گاڏين، ڪارن، جيپ ۽ بسن کي اجازت هوندي جڏهن ته موٽر سائيڪل ۽ رڪشن تي پابندي هوندي. مستقبل جي تبديلي: ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم کي تبديل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، رهائشي علائقن ۽ تجارتي مرڪزن تائين جلدي رسائي فراهم ڪري ٿي. هڪ ڀيرو مڪمل طور تي آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ امڪان آهي ته ٽرئفڪ جام کي گهٽائڻ ۽ سڄي شهر ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌايو وڃي. موثر ٽريفڪ مينيجمينٽ جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته هلندڙ ڪمن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ آپريشنل چئلينجن کي جلد حل ڪيو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


