
رپورٹ عاشق پٹھان
لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي واپاري برادري جو اجلاس صدر ايل.سي.سي.آءِ ۽ خصوصي معاون وزيراعلي سنڌ خير محمد شيخ جن جي صدارت ۾ ٿي گذريو.

اجلاس ۾ واپاري برادري 14 آگسٽ ۽ مرڪاءِ حق (پاڪ آرمي جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ) هڪ ريلي جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي جي واپاري برادري ۽ شهرين سميت ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميمبرن متفقه طور تي ريلي ۾ پنهنجي سرگرم شرڪت جو يقين ڏياريو. هي ريلي آچر 10 آگسٽ تي 10:00 بجه صبح جو لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي آفيس کان شروع ٿيندي ۽ پاڪستاني چوڪ لاڙڪاڻو تائين جاري رهندي.
ريلي جو مقصد مقامي ڪاروباري برادري جي اتحاد ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪرڻ ۽ پاڪستان فوج جي قربانين ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. واپاري برادري جي سڀني ميمبرن ۽ عام ماڻهن کي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي ته اهي جوش ۽ قومي جذبي سان ان مقصد ۾ شامل ٿين ۽ ان جي حمايت ڪن. اجلاس جي آخر ۾ لاڙڪاڻي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي واپاري برادري يقين ڏياريو ته اهي قومي موقعي جي جشن ۾ پنهنجين دڪانن ۽ ڪاروباري ادارن کي پاڪستاني جهنڊن ۽ سائي بتين سان سينگاريندا.
اجلاس ۾ احمد علي شيخ، مسعود احمد، حافظ محمد سليمان، منور نديم شيخ، رسول بخش، عطا حسين کچي، علي رضا کوکر، عبداللطيف شيخ، عبدالواحد شيخ، بدرالدين ابڙو، مظهر علي شيخ ۽ ٻين واپارين شرڪت ڪئي.


