
پريس رليز
پاڪ فوج، نيوي ۽ ايئر فورس سان يڪجهتيءَ جو ڏينھن سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس ۾ ملهايو ويو
ٺٽو – 12 مئي 2025: سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس ۾ پاڪستان جي فوج، نيوي ۽ ايئر فورس سان يڪجهتيءَ جو ڏينھن وڏي قومي جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي استادن، عملي ۽ شاگردن پاڪ فوج جي بهادري، قربانين ۽ حب الوطنيءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي تقريب جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ملڪ جي سرحدن، خودمختياري ۽ امن لاءِ جيڪا قرباني ڏئي رهيون آهن، اها ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي محافظن تي فخر ڪري ٿي.


شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج، نيوي ۽ ايئر فورس جي حوصلي، بهادري ۽ عزم کي سلام پيش ڪندي ڀرپور نعرا هنيا: “پاڪ فوج زنده باد”، “پاڪستان پائيندہ باد”، جنهن سان فضاءُ قومي جذبي سان گونجي اٿي.
پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي ۽ استادن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو عملو ۽ شاگرد پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، ۽ ملڪ جي سلامتيء لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نـ گهٻرائيندا.
پروگرام جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.


