پ پ پ ايم پي اي PS 78 گھوڙاٻاري حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور جي خاص هدايتن تحت ڳاڙھو شھر ۾ پيور بلاڪ سي سي جو ڪم ٽائون ايڊمنسٽريٽر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار جي نگراني ۾ تيزي سان جاري آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پ پ پ ايم پي اي PS 78 گھوڙاٻاري حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور جي خاص هدايتن تحت ڳاڙھو شھر ۾ پيور بلاڪ سي سي جو ڪم ٽائون ايڊمنسٽريٽر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار جي نگراني ۾ تيزي سان جاري آھي، شھر جي مختلف گهٽين ۽ محلن ۾ برساتن کان اڳ پيور بلاڪ سي سي جي ڪم شروع ٿيڻ تي هتان جي شھرين توڙي سڄاڻ ڌرين ۾ خوشي جي لھر ڇانيل جن پي پي پي ايم پي اي پي ايس 78 گھوڙاباري حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور جو ٿورو مڃيندي چيو آھي تہ حاجي علي حسن زرداري پاران ھتان کان چونڊجڻ بعد ھتي جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، اھي ساراھ جوڳا آھن، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ٽائون ايڊمنسٽريٽر ڳاڙھو عبدالڪريم ڪنڀار چيو ته پ پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي خاص ھدايتن توڙي سندس ڪوٽا تحت پي ايس 78 گھوڙاٻاري ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آھي، ھن چيو تہ ڳاڙھو شھر ۾ پيور بلاڪ سي سي جو ڪم عوام دوست ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنهور جي خاص هدايتن تحت شروع ڪيو ويو آُهي، اسان جي ڪوشش آھي ته انهيء ڪم کي برساتن کان اڳ مڪمل ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي، عبدالڪريم ڪنڀار
چيو ته برساتن جي حوالي سان اسان پنهنجي آفيس ۾ ايمرجنسي سيل پڻ قائم ڪري ورتو آھي، عوام کي گھرجي تہ ڏکيائي جي حالت م ھو ان تي رابطو ڪري سگھن ٿا، ھن چيو تہ ھن ڀيري برسات دوران شھر توڙي شھرين کي نقصان کان بڇائڻ لاء بهتر انتظام ڪيا ويا آھن، جيئن شھري امڪاني نقصان توڙي پريشانين کان بچي سگھن.
============================

اپنا تبصرہ بھیجیں