ميرپور ساڪرو مان چونڊيل ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اقبال خاصخيلي سنڌو درياءُ تي ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجي پيپلزپارٽي قيادت کي احتجاج ڪرڻ بدران وفاقي سرڪار کان ڌار ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ميرپور ساڪرو مان چونڊيل ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اقبال خاصخيلي سنڌو درياءُ تي ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجي پيپلزپارٽي قيادت کي احتجاج ڪرڻ بدران وفاقي سرڪار کان ڌار ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي سنڌو تي ڌاڙو لڳو ته سڀ کان پهرين ٺٽو سجاول ۽ بدين تباھ ٿي ويندا اهڙي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي هنگامي طور تي نواز ليگ سرڪار کان ڌار ٿي عوام وٽ سرخرو ٿئي ميرپور ساڪرو ۾ سوين ووٽرز ۽ حامين جي مان ۾ ڏنل افطار واري پارٽي ۾ خطاب ڪندي ۽ آس اخبار سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو جي چيئرمين اقبال خاصخيلي اعلان ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ تي 6 نون ڪئنالن سان سڀ کان وڌيڪ هن لاڙ واري خطي جو عوام متاثر ٿيندو تنهنڪري هو عوام کي اپيل ٿو ڪري ته اهي سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن تڪراري ڪئنالن خلاف روڊن تي نڪري اچن هُو انهن جي اڳواڻي ڪرڻ لاء تيار آھي ٽائون چيئرمين اقبال خاصخيلي واضع ڪيو ته جتي مرڻ ۽ جيئڻ جو معاملو هجي ته اتي پيپلزپارٽي جي قيادت کي احتجاج ڪرڻ بدران واضع پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي پيپلزپارٽي جي قيادت احتجاج ڪنهن جي خلاف ڪري رهي آھي پهريان فوري طور تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇاڪاڻ جو اهو ئي عوام پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آھي

اپنا تبصرہ بھیجیں