سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران ”موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ“ جي نالي سان تازو شايع ٿيل ڪتاب جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي مختلف مقررن چيو آهي ته ماحول جو موضوع کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. انسان کي هاڻي جنگين کان گهٽ، ماحول کان وڌيڪ خطرو آهي.

سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران ”موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ“ جي نالي سان تازو شايع ٿيل ڪتاب جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي مختلف مقررن چيو آهي ته ماحول جو موضوع کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. انسان کي هاڻي جنگين کان گهٽ، ماحول کان وڌيڪ خطرو آهي. گرمي پد جي ڪري ٿيندڙ تبديليون زراعت کي وڏونقصان پهچائي رهيون آهن.
ڪتاب ۾ماحولياتي ماهرن جا ماحول، موسمياتي تبديلي ۽ ترقي جي موضوعن تي 17 تحقيقي ۽ تجزياتي مضمون شامل آهن. جڏهن ته محترم نصير ميمڻ مُهاڳ لکيو آهي ۽ سرسو جي سي اِي او محمد ڏتل ڪلهوڙو ۽ چيئرپرسن محترمه ناهيد شاهه دُراني جا پيغام پڻ ڪتاب جو حصو آهن. ڪتاب کي ناليواري شاعر ۽ ليکڪ زبير سومرو ترتيب ۽ ايڊٽ ڪيو آهي. ڪتاب جي لانچنگ تقريب سرسو پاران نيشنل نيشنل ميوزيم ڪراچي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي.
✅سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) جي سي اي او محمد ڏتل ڪلهوڙو چيو ته SRSO ماحول تي تحقيق کي ترجيح ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪم ڪندي، ماحولياتي تبديلي کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. هن ماحولياتي تبديلي جي ڪري، SRSO 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ ۾ مڪمل ڪردار ادا ڪيو.
✅ڪتاب جي سهيڙيندڙ، زبير سومرو چيو ته هاڻي انسان جنگين کان وڌيڪ ماحول کان خطري ۾ آهن.
✅مشهور ترقي پسند دانشور ناظر محمود چيو ته سنڌ ۾ ضلعي سطح تي ماحول تي هڪ مطالعي جي ضرورت آهي.
✅ماحول تي ڪم ڪندڙ صحافي عافيه سلام چيو ته ماحول تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي به هاڻي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اڳ ۾ جنگين ۽ ٻين مسئلن تي رپورٽنگ ڪندڙ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ هيون، هاڻي ماحول تي رپورٽنگ ڪرڻ به خطرو بڻجي چڪو آهي.
✅ماحولياتي ۽ زرعي ماهر مصطفيٰ نانگراج پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ موسم ۾ اوچتو تبديلي جي ڪري روايتي فصلن کان نئين قسمن جي فصلن ڏانهن ڌيان ضروري آهي.
✅پاڻي معاملن جي ماهر احسان لغاري چيو ته خراب حڪمراني سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا به ماحول ۾ وجهي رهيا آهن.
✅نالي واري ماحولياتي صحافي شبينه فراز چيو ته هاڻي قومي مفاد جي نالي تي ماحول تي رپورٽنگ کي روڪيو پيو وڃي.
پروگرام جي سهولتڪاري مشهور ٽي وي ميزبان ليليٰ نثار ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ ناليواري ترقياتي ۽ ماحولياتي ماهر ۽ دانشور نصير ميمڻ، ليکڪه زبيده برواڻي، سياسي ۽ ٽقافتي تجزيه نگار ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ مِيڊيا پرسن قاضي آصف پڻ موجود هئا.
#ClimateChangeMatters #GreenSindh #resilentcommunties

اپنا تبصرہ بھیجیں