ڊاؤ يونيورسٽي پاران ڀارتي جارحيت ۽ بزدلانه ڪارروائين جي سخت مذمت، قوم ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار

پريس ریليز

ڪراچي، 8 مئي 2025: ڊاؤ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي ٻنهي ڪيمپسز ۾ ڀارتي جارحيت جي خلاف ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار طور احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا.

اوجھا ڪيمپس ۾ ڪيل ريلي جي اڳواڻي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر جهان آرا حسن ڪئي، جڏهن ته ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج واري ريلي جي اڳواڻي پرو وائس چانسلر پروفيسر نازلي حسين ڪئي. اوڍا ڪيمپس ۾ ڊاؤ انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج سميت ٻين شعبي جي شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا، جن تي ڀارت جي بزدلانه حرڪتن جي خلاف نعرا لکيل هئا.
ريلي دوران ”پاڪستان جو مطلب ڇا – لا اله الا الله“، ”پاڪ فوج زنده باد“، ۽ ”پاڪستان زنده باد“ جا نعره فضا ۾ گونجي اُٿيا.
ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر جهان آرا حسن شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت پنهنجي بزدلانه حرڪتن سان پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ پاڪ فوج سان گڏ اڳئين مورچي تي بيهڻ لاءِ تيار آهي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته اتحاد ۽ يڪجهتي قائم رکن، ڇو ته ملڪ ۽ قوم کي ان وقت اتحاد جي سخت ضرورت آهي.

ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج ڪيمپس ۾ پڻ شاگردن ۽ استادن ڀارتي جارحيت خلاف احتجاج ڪيو، شاگردن ”پاڪ فوج قدم وڌايو، اسان اوهان سان گڏ آهيون“ جا نعرا ۽ بينر کنيا.
شرڪاءَ ڊاؤ يونيورسٽي پاران قوم ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. استادن ڀارتي بغير سبب واري جارحيت کي عالمي قانونن جي خلاف ورزي ۽ بيگناهن تي سفاڪي حملو قرار ڏيندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.استادن چيو، “ڀارت جون بزدلانه حرڪتون اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.” هنن پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام سان غير متزلزل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو:“اسين پنهنجي بهادر فوج ۽ سڄي قوم سان ڪلهي سان ڪلهو ملي بيٺا آهيون. هي فيصلائتو وقت آهي، اسين هڪ قوم بڻجي متحد آهيون. اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهجي. اسين پنهنجي خودمختياري جو پورو دفاع ڪنداسين.”استادن واضح ڪيو ته ڊاؤ يونيورسٽي قومي وقار جي جذبي سان مڪمل هم آهنگ آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں