
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس طرفان مرڪزي سڏ تي ڪراچي جي سينيئر صحافي اينڪرپرسن امتياز مير ۽ ميرپورماٿيلو جي صحافي طفيل حيدراڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ يونين جي صدر طارق محمود درانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ يونين جي نائب صدر شهزاد پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري اياز ساريو، جوائنٽ سيڪريٽري علي گراماڻي، خزانچي شاهه محمد لاشاري، پريس سيڪريٽري نادر مائري، آفيس سيڪريٽري عبدالمومن ڪنگو، صحافين ڊاڪٽر بدر شيخ، سيد جاويد شاهه، عبدالخالق مغيري، عبدالحفيظ منگي، عبدالفتاح اوڍو، شبير مغيري، راجا خان مگسي، محمد ادريس بلوچ، حميد ڀٽو، وحيد لانگاهه، صدا سانگي، راجا گاڏهي، ڪيمرامين فوٽوگرافر ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري نويد سومرو، ذيشان کوکر، مشتاق کهڙو، وقار ميمڻ، جاويد جنجوٽه سميت ٻين صحافين، ڪيمرامينن ۽ فوٽوگرافرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هٿن ۾ بئنر کڻي نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي يونين جي صدر طارق محمود دراني ۽ ٻين صحافين چيو ته ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻيل آهي، مختلف وقتن تي صحافين کي سرعام ڏينهن ڏٺي جو گوليون جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ٿو وڃي، تازو ڪراچي ۾ سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير ۽ ميرپورماٿيلو ۾ صحافي طفيل حيدراڻي کي ڏينهن ڏٺي جو بيگناهه گوليون جو کاڄ 
بڻائي شهيد ڪيو ويو پر اڄ ڏينهن تائين شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ٻنهي واقعن کي ذاتي دشمني جو رنگ ڏئي شهيدن جي بيگناهه خون کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت توڙي پوليس سنڌ جي صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته صحافي پنهنجي قلم جي ذريعي حق ۽ سچ جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا آهن پر ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته صحافين جو آواز ڪڏهن به بند نه ٿيندو، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙ جاري رهندي. اسين حڪومت وقت کان مطالبو ٿا ڪيون ته جلد کان جلد شهيد صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير ۽ طفيل حيدراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري صحافي برادريءَ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ قائد صحافت لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻيءَ صحافين جو پارليامينٽ هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رهندو.
Load/Hide Comments


