مڪاني ادارن واري وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول محبتن کي وڌائي رهيو آهي، ادبي فيسٽيول رواداري کي فروغ ڏيڻ ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو وسيلو آهي.

ڪراچي – مڪاني ادارن واري وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول محبتن کي وڌائي رهيو آهي، ادبي فيسٽيول رواداري کي فروغ ڏيڻ ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو وسيلو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن کان علاوه اديبن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به خطاب ڪيو. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته ڪراچي لٽريچر فيسٽيول محبتن پکيڙي رهيو آهي، هن فيسٽيول کي سنڌ حڪومت جو مڪمل سهڪار حاصل آهي. سندس چوڻ هو ته علم و ادب جو خوبصورت ميلو هتي جي ساحل ڪناري تي ٿي رهيو آهي، سچل سرمست، شاهه عبدالله لطيف ڀٽائيءَ جهڙا وڏا نالا سنڌ ڌرتي جو حسن آهن، صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن ميلي ذريعي مقامي ٽيلينٽ کي پروان چڙهائي رهيا آهيون، جنهن ۾ نامور اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته تعليمي ماحول لاءِ اهڙيون سرگرميون ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته ادبي ميلو رواداري کي فروغ ڏيڻ ۽ اختلافن جي بحث جو ذريعو آهي. الله تعاليٰ قرآن ۾ پهريون لفظ اقرا نازل ڪيو جنهن جي معنيٰ پڙهڻ آهي. هن چيو ته برصغير ​​اها ڌرتي آهي جتي علامه اقبال قائداعظم فيض احمد فيض جهڙيون شخصيتون پيدا ٿيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مقامي ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتي ادبي سرگرمين جي واڌاري لاءِ سرگرم عمل آهي. ثقافت کاتي صوبي ۾ لائبريريون ٺاهي رهيو آهي. ادبي ميلو بين الاقوامي بحث ۽ هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں