وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران باڪسر عثمان وزير کي ڀارتي حريف تي فتح تي ڀيٽا

ڪراچي (5 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستاني باڪسر عثمان وزير سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بينڪاڪ ۾ ڀارتي باڪسر ايشوران تي تازو حاصل ڪيل فتح تي کيس واڌايون ڏنيون. ملاقات ۾ راندين وارو صوبائي وزير محمد بخش مهر، ايم پي اي آصف موسيٰ ۽ سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ به شريڪ هئا. عثمان وزير ويلٽر ويٽ ڪيٽيگري جو باڪسر آهي، پهرين رائونڊ ۾ ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪري شاندار فتح ماڻي. وڏي وزير هن ڪاميابي کي “ڀارت جي جنگي جنون دوران پاڪستان جي پهرين وڏي راندين جي ڪاميابي” قرار ڏنو. هن عثمان وزير جي ڪاميابي کي قومي فخر جو لمحو سڏيندي سنڌ حڪومت پاران مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو تھ عثمان وزير کي ورلڊ اوپن چيمپئن شپ ۾ موڪليو ويندو ته جيئن هن جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري اچي. هن مالي مدد ۽ جديد تربيت جون سهولتون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وڏي وزير کي عثمان وزير اهي باڪسنگ دستانا پيش ڪيا جن سان هن ڀارتي باڪسر کي شڪست ڏني هئي. وڏي وزير انهن دستانن کي پھري “پنچ جو ايڪشن” ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو.وڏي وزير چيو تھ مان توھان جي محنت ۽ فتح تي فخر محسوس ڪريان ٿو. اھا توھان جي لڳاتار 16هين ڪاميابي آهي، جيڪا ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر جوڳي آهي. هن راندين واري وزير کي هدايت ڪئي ته عثمان وزير کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪئي وڃي ۽ حڪومت جي مڪمل مدد جاري رکي وڃي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
#SindhCMHouse

اپنا تبصرہ بھیجیں