آءِ جي نيشنل هاءِ وي موٽروي پوليس سلطان علي خواجه ۽ ڊي آءِ جي جاويد احمد مهر جي هدايتن تي اضافي ايڪسل لوڊ خلاف مهم جي سلسلي ۾ سيڪٽر ڪمانڊر ٽو ايس پي خالد نواز شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ موٽروي پوليس طرفان ايڪسل لوڊ کان وڌيڪ وزن کڻندڙ گاڏين خلاف ڪاروائيون

لاڙڪاڻو( رپورٹ محمد عاشق پٹھان) آءِ جي نيشنل هاءِ وي موٽروي پوليس سلطان علي خواجه ۽ ڊي آءِ جي جاويد احمد مهر جي هدايتن تي اضافي ايڪسل لوڊ خلاف مهم جي سلسلي ۾ سيڪٽر ڪمانڊر ٽو ايس پي خالد نواز شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ موٽروي پوليس طرفان ايڪسل لوڊ کان وڌيڪ وزن کڻندڙ گاڏين خلاف ڪاروائيون ڪندي ڪيترن ئي گاڏين کي روڪي کين سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو مقرر ڪيل وزن مطابق لوڊ کڻي اضافي وزن کان پاسو ڪن ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان حوالي سان نيشنل هاءِ وي موٽروي پوليس جي سيڪٽر ڪمانڊر ايس پي خالد نواز شيخ ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي موٽروي پوليس آءِ جي سلطان علي خواجه جي هدايتن تي اضافي ايڪسل لوڊ خلاف جاري مهم جي سلسلي ۾ سختيءَ سان ايڪسل لوڊ کان وڌيڪ وزن کڻندڙ گاڏين خلاف ڪاروائيون جاري آهن ان لاءِ موٽروي پوليس بيٽ جي مختلف هنڌن تي ڪاروائيون ڪري اهڙن گاڏين کي روڪي ڊرائيورن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايڪسل لوڊ کان وڌيڪ وزن کڻڻ کان پاسو ڪن، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف 15 نومبر کان خلاف سخت ڪاروائي ڪندي اهڙن گاڏين کي چالان ڪرڻ سان گڏ حد جي ٿاڻن تي ايف آءِ آر به داخل ڪيا ويندا.
=========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں