سي اي او ايس ٽي ايس ٽيسٽنگ سروسز ۽ وائيس چانسيلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ پاران سنڌ حڪومت ۾ بي پي ايس 5 کان 15 وارين جاين لاءِ هلندڙ اسڪريننگ ٽيسٽ بابت ميڊيا بريفنگ، انٽرميڊئيٽ جي نتيجن جو اعلان


پريس رليز
سکر، سنڌ، جمعو 12 جولاءِ 2023ع: سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز جي سي اي او ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ بي پي ايس 5 کان 15 جي پوسٽن لاءِ هلندڙ ايس ٽي ايس اسڪريننگ ٽيسٽ جي حوالي سان اهم اپڊيٽس ۽ پيش رفت فراهم ڪرڻ ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ 12 جولاءِ 2023 تي سکر آءِ ابي اي يونيورسٽي ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
ايس ٽي ايس جي سي اي او پاران ميڊيا بريفنگ ۾ ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ٽي ايس ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي گڏيل ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويو.


ڊاڪٽر شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته انٽرميڊيٽ ڪيٽيگريءَ جي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ ڪل 477073 اميدوارن اپلائي ڪيو ۽ 336363 اميدوار ٽيسٽ ۾ اپيئر ٿيا. ڪل 119958 اميدوارن 40 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا آهن ۽ ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته 216405 اميدوارن 40 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته 140 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا آهن. انٽرميڊيٽ ڪيٽيگري جي نتيجي ۾ پاس ٿيڻ جو سيڪڙو 35.66 سيڪڙو ۽ ناڪامي جو سيڪڙو 64.34 سيڪڙو رهيو.
پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ٻڌايو ته گريجوئيشن ۽ انٽرميڊيئيٽ ڪيٽيگريز لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ ڪاميابيءَ سان ٿي آهي، اسان کي اهو اعلان ڪندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته اهو عمل انتهائي شفافيت ۽ انصاف تي مبني معيارن ۽ اصولن موجب ڪيو ويو آهي.
سي اي او ٻڌايو ته ايس ٽي ايس پاران ٽيسٽ وڏي ڌيان سان، سنڌ حڪومت ۾ لاڳاپيل جاين لاء سڀ کان وڌيڪ قابل اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ لاء ڊزائين ڪيو ويو، ڇو ته چونڊ عمل لاءِ ميرٽ واحد رستو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ٻڌايو ته اسان جو عزم آهي ته هر اميدوار کي ميرٽ، انصاف ۽ برابري جو موقعو فراهم ڪيو وڃي، ان معيار ۽ عزم تي پورو اچڻ لاءِ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۽ ايس ٽي ايس جي ٽيم، موسم جي سختي ۽ چئليجنز باوجود وڏي محنت سان ٽارگيٽ ميٽ ڪيو آهي.
هن چيو ته پهيان ٻه مرحله ڪاميابي سان طئي ٿيڻ ۽ نتيجا سامهون آڻڻ کانپوءِ اسان جلد ئي ميٽرڪ واري ڪيٽيگري لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ منعقد ڪنداسين، ان جي تاريخ جلد اوهان سان شيئر ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر شيخ چيو ته ايس ٽي ايس جي موجوده امتحان ۾ ميرٽ تحت ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سنڌ حڪومت جي اندر خالي جاين ۾ ڀرتي ٿي ڪري صوبي جي ترقيءَ ۾ حصو وٺندا.
سنڌ جي نوجوانن جي حوالي سان ڳالهائيندي سي اي او ايس ٽي ايس ٽيسٽنگ سروسز ۽ وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ سمورن ڪامياب اميدوارن ۽ صوبي جي نوجوانن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني، ۽ رهجي ويل اميدوارن کي مٿايو ته هو پنهنجي محنت جاري رکن.
پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ اميدوارن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو ايندڙ ميٽرڪ ڪيٽيگري جي امتحانن، سميت ٻين ٽيسٽن جي ڀرپور تياري ڪن ۽ پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽڊيز تي فوڪسڊ رهن ۽ محنت جاري رکن. هن چيو ته هي امتحان نوجوانن لاءِ هڪ موقعو آهن ته ته هو پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ۽ ڪامياب ٿي صوبي جي افرادي قوت جي واڌ ويجهه ۾ به اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ اميدوارن کي يقين ڏياريو ته چونڊ عمل شفافيت، انصاف ۽ ميرٽ جي اعليٰ معيارن سان ڪيو ويندو، پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو رکو، پنهنجي پڙهائيءَ لاءِ وقف رهو ۽ ايندڙ امتحانن ۾ اعتماد سان ويهو.
پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته ايس ٽي ايس ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جون گڏيل ڪوششون ميرٽ تي ٻڌل سماج کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون، جتي نوجوانن کي انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي جانچيو وڃي ٿو، سنڌ حڪومت جي کاتن ۾ بي پي ايس 5 کان 15 لاءِ هلندڙ اسڪريننگ ٽيسٽون، ان ويزن کي حاصل ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهن.
ان موقعي تي ايس ٽي ايس جي سي اي او پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ان سڄي عمل دوران توڙي مجموعي طوري تي سهڪار تي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا، ۽ چيو ته سرڪاري جاين لاءِ ڀرتين ۾ شفافيت ۽ ميرٽ سنڌ حڪومت جو عزم مثبت ۽ قابل تعريف آهي، ان عمل سان صوبي ۾ قابل ۽ موثير افرادي قوت يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ميڊيا پاران اسڪريننگ ٽيسٽن بابت معلومات پهچائڻ، مثبت رويي ۽ سهڪار تي سندن ساراهه ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪيو ته هو ٽيسٽن دوران اميدوارن تائين معلومات جي رسائي ۾ صحافي ڀائر پنهنجو ڪردارادا ڪندا رهندا.

سکر
12 جولاءِ، 2023
===================================

اپنا تبصرہ بھیجیں