
ٺٽو(رپورٽ: علي گوھر قمبراڻي) جهرڪ لڳ ڏاڏوري وٽ قمرالدين شيخ ۽ لکمير ٺينگو کان نامعلوم هٿيار ڦورو ھٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل، ھزارين روپيہ روڪ رقم ۽ قيمتي موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، ٻئي طرف غلام الله لڳ ڳوٺ مُحمد آباد خواجه لڳ اُستادن کان نامعلوم ھٿياربند ڦورن پاران ڦر جي ڪوشش ڪئي ويئي، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن ٻن پرائمري اِستادن شير يار خواجه ۽ آڪاش خواجا کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ محمد شريف تنيو، خير محمد بروھي، غلام مصطفيٰ بروھي ۽ ٻين غلام الله جي ٻن استادن کان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو اھي تہ فورن استادن کان ڦر ڪرڻ دوران مٿن حملو ڪري کين زخمي ڪندڙ سمورن ڏوھارين کي گرفتار ڪري انھن کي سخت سزائون ڏيئي استادن کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ھنن چيو تہ لڳاتار ڏوھارين پاران استادن کي ٽارگيٽ ڪري انھن کان ڦرون ڪرڻ سميت انھن تي حملا ڪيا پيا وڃن، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، پر ايترن ٿيندِڙ واقعن باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن ڏوھارين کي گرفتار ڪري استادن کي تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
Load/Hide Comments


