
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو جشنِ ميلادالنبي ﷺ تي پيغام
نبي ڪريم ﷺ جي آمد انسانيت لاءِ سڀ کان وڏي رحمت آهي، وڏو وزير
اسان کي زندگي سِيرتِ طَيّبه ﷺ مطابق گذارڻ گهرجي، مراد علي شاهه
نبي ڪريم ﷺ مساوات، ڀائپي ۽ خلق جي خدمت جو درس ڏنو، وڏو وزير
جشن ميلادالنبي ﷺ جو تقاضو آهي ته ضرورت مند جي خدمت کي عبادت سمجهجي: مراد علي شاهه
تازي ٻوڏ سان قوم وڏي آزمائش ۾ آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
متاثر خاندانن جي مدد سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، وڏو وزير
الله تعاليٰ ملڪ کي ٻوڏ جي تباھڪاري کان نجات ڏئي، مراد علي شاهه جي دعا
سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺي رھي آھي، وڏو وزير مراد علي شاهه
عبدالـرشيد چـنـه
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
#SindhCMHouse


