مڪلي پوليس هڏن جي ماهر ڊاڪٽر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي گرفتار ڪري مڪلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
مڪلي پوليس هڏن جي ماهر ڊاڪٽر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي گرفتار ڪري مڪلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي اڄ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد جدوجهد ۽ سنڌو درياء مان ڪئنالن بابت رٿيل پروگرام ۾ شرڪت ڪري ليڪچر ڏيڻو هو، پر انتظاميه بوکلائپ جو شڪار بڻجي ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي ليڪچر پروگرام ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاء گرفتار ڪري مڪلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، جتي مريض بہ علاج لاء ڊاڪٽر وٽ پھچي ويا، ڊاڪٽر پاران ايندڙ مريضن کي بہ ٿاڻي اندر چيڪ اپ ڪري کين دوائون لکي ڏيڻ سميت کين مفيد مشورا پڻ ڏنا. ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور جي گرفتاري واري اطلاع ملڻ تي ڪيترائي نوجوان ۽ قومپرست اڳواڻ پڻ مڪلي ٿاڻي تي پھچي ويا، ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور چيو تہ مڪلي پوليس کيس بلاجواز گرفتار ڪري سندس ساک کي نقصان پھچايو اھي، ھن چيو تہ ھو شريف ڊاڪٽر اھي، جنھن کي اھڙي طريقي سان گرفتار وارو عمل مذمت جوڳو اھي، ھن گھر ڪئي تہ ساڻس ٿيل اھڙي رويي جو نوٽيس وٺي سانس انصاف ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں