ويلو سائونڊ اسٽيشن سيزن 3 جو لاهور قلعي ۾ شاندار آغاز

لاهور (ثقافتي رپورٽر) – پاڪستان جي موسيقي جي شوقين لاءِ خوشخبري! ويلو سائونڊ اسٽيشن سيزن 3 جو باقاعدي آغاز ٿي چڪو آهي، جيڪو تخليقي موسيقي ۽ فنڪاري اظهار جي هڪ نئين لهر آهي. هن سيزن جي خاص ڳالھ اها آهي ته مشهور فلم ساز بلال لاشاري، جيڪو دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۽ وار جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمون ٺاهي چڪو آهي، ۽ پروڊيوسر عماره حڪمت پهريون دفعو ميوزڪ ويڊيو پروڊڪشن ۾ قدم وڌائي رهيا آهن.

هن سيزن جو شاندار افتتاحي تقريب لاهور جي تاريخي قلعي ۾ ٿيو، جنهن ۾ بين الاقوامي شھرت ماڻيندڙ ڳائڻو عاطف اسلم، سپر اسٽار فواد خان، شاي گل، انورالخالد، فرس شفي، زين ضياء، ميشا شفيعه، ريان حڪمت، ماهڪ رضوي، علينا نقوي، ايمن حڪمت، نياب (ويلو مارڪيٽنگ هڊ)، ذوھيب اي ڊي ۽ يونگ اسٽنرز شرڪت ڪئي. والڊ سٽي آف لاهور آٿارٽي جو چيئرمين ڪامران لاشاري به تقريب ۾ موجود هو، جڏهن ته تقريب جي ميزباني مشهور فشن ڊزائينر ايڇ ايس وائي ڪئي.

سيزن 3 جو آغاز فرس شفي ۽ زين ضياء جي شاندار پرفارمنس ۽ ميوزڪ ويڊيو سان ٿيو، جنهن کي حاضرين وڏي پيماني سان ساراهيو. بلال لاشاري جي هدايتڪاري، سنيماٽوگرافي جي شاندار مھارت ۽ تخليقي وژن جي ڪري وڏي تعريف حاصل ڪئي.

نئين سيزن ۾ هر هفتي نئين ۽ معياري ميوزڪ ويڊيوز جاري ڪيون وينديون، جن ۾ عاطف اسلم، فواد خان، شاي گل، انورالخالد، يونگ اسٽنرز، حسن رحيم، نتاشا نوراني، ريشم فياض، عبدالحنان ۽ عدنان ڌول جهڙا مشهور فنڪار شامل هوندا.

ويلو سائونڊ اسٽيشن، جيڪو پاڪستان جي جديد ميوزڪ سين ۾ هڪ اهم پليٽفارم بڻجي چڪو آهي، اڳ ۾ به ڪيترن نوان فنڪارن ۽ منفرد موسيقي کي متعارف ڪرايو آهي. بلال لاشاري جي تخليقي اڳواڻي ۾ هن ڀيري به ناظرين کي بصري ۽ موسيقاري لحاظ سان هڪ يادگار تجربو ڏيڻ جي توقع آهي.

هن سيزن ۾ تجربڪار ۽ نوان فنڪارن جي شراڪت سان پاڪستاني موسيقي جي منظرنامي کي هڪ نئين جھت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا ناظرين کي طرز، معيار ۽ تنوع سان ڀرپور موسيقي پيش ڪندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں