ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هو ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي تحت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ هلندڙ 136 ترقياتي اسڪيمن جو ذاتي دورو ڪندو ۽ اتي هلندڙ ڪم جو معائنو ڪندو. ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي روانگي ۽ روڊن جي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هلندڙ سموريون رٿائون فوري طور تي مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي جي تحت هلندڙ اسڪيمن ۾ جيڪڏهن ڪي به قانوني پيچيدگيون آهن ته قانون کاتي سان صلاح مشورو ڪيو وڃي ۽ ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جي مدد سان اهڙيون ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي روانگي کي بهتر بڻائي سگهجي. ڪي ڊي اي تحت هلندڙ مالي سال جي 136 ترقياتي اسڪيمن مان 77 اسڪيمون جيڪي يا ته مڪمل ٿي چڪيون آهن يا ساڳئي مالي سال ۾ مڪمل ٿيڻيون آهن، انهن کي فوري طور تي فنڊ فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪي ڊي اي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه، اسپيشل سيڪريٽري هائوسنگ ٽائون پلاننگ بخش علي مهر، ڊي جي ڪي ڊي اي الطاف گوهر مهر، اسپيشل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل غني شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني کي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ هلندڙ مالي سال جي اي ڊي پي تحت 136 اسڪيمن مان 77 اهڙيون اسڪيمون آهن جيڪي يا ته مڪمل ٿيون آهن يا ساڳئي سال جي 30 جون تائين مڪمل ڪيون وينديون، جڏهن ته 51 اسڪيمن تي ڪم ايندڙ مالي سال تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 8 اهڙيون اسڪيمون آهن جن تي قانوني ڪم التوا جو شڪار آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي 5 مرڪزي اسڪيمن کان علاوه ضلعي سينٽرل ۾ 29، ضلعي اوڀر ۾ 19، ضلعي ڪياماڙي ۾ 6، ضلعي ڪورنگي ۾ 9، ضلعي ملير ۾ 50، جڏهن ته ضلعي ڏکڻ ۽ ضلعي اولهه ۾ 9 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن اسڪيمن تي هن وقت تائين ڪل رقم جو 63 سيڪڙو جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا 7442.930 ملين رپيا آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني هر اسڪيم بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کان معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، مان پاڻ روزاني جي بنياد تي هر اسڪيم جو دورو ڪندس ۽ اتي ڪم جي معيار، ڪم جي رفتار ۽ ٻين جو جائزو وٺندس. صوبائي وزير ڊي جي ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ 7 ڏينهن ۾ ان حوالي سان رپورٽ تيار ڪري ته جيئن عيد الفطر کان فوري پوءِ انهن سمورن اسڪيمن جو معائنو ڪري سگهجي. هن ڪي ڊي اي جي سمورن موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي سمورا ترقياتي منصوبا عوامي مفاد لاءِ جوڙيا ويا آهن، ان ڪري ان ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته هو انهن اسڪيمن جي به رپورٽ تيار ڪن جن ۾ قانوني پيچيدگيون آهن ۽ قانون کاتي کي موڪلين ۽ هو پاڻ ان حوالي سان لاڳاپيل کاتن سان ڳالهائيندا. هن شهر ۾ ٽريفڪ سسٽم جي بهتري لاءِ ٽريفڪ سگنلز ۽ روڊن جي ڪم ۾ ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو سنڌ جي مدد وٺڻ جي به هدايت ڪئي.
Load/Hide Comments


