بيلجيم ۽ هالينڊ مان پرڏيهي سياحن جو 14 ڄڻن تي مشتمل وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتا.پرڏيهي وفد ماڳ گهمي ڏٺو.جڏھن ته پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا.

موهن جو دڙو(رپورٽر)بيلجيم ۽ هالينڊ مان پرڏيهي سياحن جو 14 ڄڻن تي مشتمل وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتا.پرڏيهي وفد ماڳ گهمي ڏٺو.جڏھن ته پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا.جڏھن ته موهن جو دڙو انتظاميه پاران پرڏيهي وفد جو استقبال ڪيو .پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ تاريخ ۽ تهذيب بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي بيلجيم ۽ ھالينڊ جي پرڏيهي وفد ميڊيا سان ڳالهائيندي ھنن چيو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا

جي وڏي تهذيب آهي.هنن چيو تہ قديم زماني جا ماڻهو وڏا ذهين ۽ ڪاريگر هيا جن انساني تهذيب جو بنياد رکيو.جنهن تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي.هنن چيو ته اسان موهن جو دڙو انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيون ٿا جنهن اسان کي موهن جو دڙو جي تاريخ تهذيب بابت ڄاڻ ڏني ۽ اسان کي پنهنجي ثقافت جي تحفن سان نوازيو.هنن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙي وڏي پراڻي ڪا به تهذيب ناهي.موهن جو دڙو هڪ تاريخي قديمي تهذيب آھي.جنهن کي ڏسڻ لاء ھتي پهتا آھيون.هوڏانهن پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں