
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
سنڌ هاء ڪورٽ ۽ سيڪريٽري تعليم جي واضع هدايتن باوجود ٺٽي ضلعي اندر آء بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن جي ڀرتي وارو معاملو رولڙي جو شڪار، ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن جو احتجاج، ٺٽي ضلعي جي آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 529 اميدوارن کي پوسٽنگ ڏيڻ بدران سندن ٻيهر اسڪروٽني شروع ڪئي وئي کين نوان آفر آرڊر ڏيڻ واري فيصلي باوجود اڃان تائين کين آفر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا ٺٽي ضلعي جي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ويٽنگ اميدوارن ايڪشن ڪميٽي جوڙي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو متاثر پي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن سڪندر شورو عبدالله سومرو اظھر بروهي مصطفيٰ ميمڻ عزيز کڏائي مبارڪ جاکرو امير جاکرو اويس جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ کان نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پهچي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي تي احتجاج ڪيو متاثر اميدوارن هٿن ۾ تعليمي ڊگريون کڻي احتجاج ڪندي چيو آھي ته آفر آرڊر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي جتي دربدر ڪيو پيو وڃي اتي اسان ويٽنگ اميدوار سوا سئو کن آھيون جڏھن ته پوسٽون ڏيڍ سئو کان مٿي جون آھن پر تعليم کاتي جي انتظاميه ۽ ڀرتي ڪميٽي جي چيئرمين پاران اڃا تائين ضلعي ٺٽي جي پي ايس ٽي جون سيٽون ظاهر نه پيون ڪيون وڃن هنن خدشو ظاهر ڪيو آھي ته خالي سيٽون ظاهر نه ڪري مخصوص ۽ رشوت عيوض غير مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويندو هنن گهر ڪئي آھي ته پي ايس ٽي جون سموريون سيٽون واضع ڪيون وڃن ۽ ھلندڙ اسڪروٽني دوران سندن ڪاغذن جي ڇنڍڇاڻ ڪري کين به آرڊر ڏنا وڃن ٻئي صورت ۾ مرحلي وار تحريڪ هلائي ويندي


