فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽُٽي پئي


فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل بابت انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي، جسٽس طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني بينچ اپيلن تي ٻڌڻي شروع ڪئي

درخواست گذار جواد ايس خواجا جي وڪيل بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا، نئين بينچ جي جوڙجڪ جو معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جي استدعا ڪئي وئي

جسٽس طارق مسعود چيو ته جيڪڏهن اسان کي هي ڪيس ٻڌڻو ئي نه آهي ته پوءِ دليل نه ڏيو، اعتراض واريو پيو وڃي ته مان ڪيس کان ڌار ٿي وڃان، جسٽس سردار طارق بينچ کان ڌار ٿي ويو

ٻڌڻي هلائيندڙ 6 رڪني بينچ ٽٽي پئي، بينچ جي ٻيهر جوڙجڪ جو معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو، سپريم ڪورٽ موجب فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو معطل رهندو

عدالت چيو ته سلمان اڪرم راجا، اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا استدعا ڪئي آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن کانپوءِ ڪئي وڃي، 3 رڪني ججز ڪميٽي اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙيندي

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

.

اپنا تبصرہ بھیجیں