
اسلام آباد: پي آءِ اي اِي (پاڪستان انٽرنيشنل ائير لائنز) 2025ع جي حج سيزن لاءِ خاص پروازون شروع ڪري ڇڏيون آهن. قومي ائير لائن مطابق، پهرين حج پرواز 29 اپريل تي مڪي مڪرمه ۽ مديني منوره لاءِ روانگي ٿيندي، جڏهن ته هي آپريشن 1 جون تائين جاري رهندو.
پي آءِ اي اِي 280 کان وڌيڪ خاص پروازن ذريعي 56,000 کان وڌيڪ پاڪستاني حاجين کي سعودي عرب پهچائيندو. انهن پروازن لاءِ جديد بوئنگ 777 ۽ ائربس A320 جھازن کي استعمال ڪيو ويندو ته جيئن سفر کي وڌيڪ آرامده ۽ محفوظ بڻائي سگهجي.
ذريعن مطابق، هن سال تقريباً 20,000 حاجي سرڪاري اسڪيم تحت، جڏهن ته 36,000 پرائيويٽ اسڪيم تحت سفر ڪندا. پي آءِ اي اِي جي اهلڪارن چيو آهي ته سڀني پروازن کي وقت تي ۽ بهترين انداز ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
واپسي جو آپريشن 12 جون کان شروع ٿيندو
پي آءِ اي اِي جو واپسي جو آپريشن 12 جون کان شروع ٿي 10 جولاءِ تائين جاري رهندو، جنهن دوران سڀني حاجين کي وطن موٽائڻ لاءِ هڪ مربوط نظام ترتيب ڏنو ويو آهي.
سعودي عرب ۾ حج 2025 جي تياريون مڪمل
ٻئي طرف، سعودي حڪومت حج 2025 جي تياريون مڪمل ڪري چڪي آهي. وزارت حج و عمره چيو آهي ته سڀ ضروري سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن حاجين کي مڪي ۽ مديني ۾ آسانيءَ سان رهڻ ۾ مدد ملي. ٽول فري نمبر پڻ جاري ڪيا ويا آهن، جتي حاجي پنهنجي رهنمائي ۽ مدد لاءِ رابطو ڪري سگهن ٿا.
ڪل حاجين جو تعداد 1 لک 79 هزار 210
رپورٽن مطابق، هن سال مجموعي طور تي 1 لک 79 هزار 210 پاڪستاني حاجي بيت الله شريف جو سفر ڪندا، جن مان 89,000 سرڪاري اسڪيم تحت حج تي ويندا.


