ملڪ ۾ موسم جو حال: برسات ۽ گرمي جو امڪان

اڱارو:
ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ آبهوا مرطوب رهڻ جو امڪان آهي. تنهن هوندي به ڪشمير، اسلام آباد، مٿئين پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿيڻ جي اميد آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز يا موسلڌار برسات پڻ پئجي سگهي ٿي.

اربع:
ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ مرطوب رهڻ جو امڪان آهي. تنهن هوندي به ڪشمير، اسلام آباد، مٿئين پنجاب، پوٺوهار خطي ۽ خيبرپختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز يا موسلڌار برسات پڻ ٿي سگهي ٿي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران موسم:
مٿئين پنجاب، اسلام آباد، مٿئين خيبرپختونخوا، ڪشمير، ژوب ۽ مٺي ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات پئي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز يا موسلڌار برسات پڻ ٿي.

وڌ ۾ وڌ برسات (ملِي ميٽر ۾):

پنجاب: اسلام آباد (زيُرو پوائنٽ 80، گولڙه 39، سيدپور 30، بوڪرا 25، ايئرپورٽ 01)، راولپنڊي (شمس آباد 70، چڪلاله 55، پير وداهي 54، ڪچهري 38)، نارووال 47، سيالڪوٽ (ايئرپورٽ 42، شهر 17)، جهلم 25، گوجرانواله 16، گجرات 11، منگلا 06

خيبرپختونخوا: تخت ڀائي 27، دير (لوئر) 10، ڪاڪول 01

ڪشمير: ڳڙهي دوپٽہ 18، مظفرآباد (شهر 07، ايئرپورٽ 03)، ڪوٽلي 02

بلوچستان: ژوب 06

سنڌ: مٺي 01

گذريل ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد:
دالبندين 45°C، دادو، موهن جو دڙو، سبّي، چلاس 43°C، ڀڪر ۽ بهاول نگر ۾ 42°C رڪارڊ ٿيو.

اڱارو (اسلام آباد ۽ آس پاس):
حبس ۽ جزوي طور تي ابر آلود موسم جو امڪان آهي، رات جو تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿيڻ جي اميد.

اربع (اسلام آباد ۽ آس پاس):
حبس ۽ جزوي طور تي ابر آلود موسم رهڻ جو امڪان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان.

اپنا تبصرہ بھیجیں