
ٺٽو:(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
قومي عوامي تحريڪ پاران مڪلي تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سميت اديبن ليکڪن وڪيلن شاعرن ۽ شاگردن قرارداد منظور ڪندي پرزور مطالبو ڪيو آھي ته 1991ع جي ٺھراءُ موجب سنڌو درياءُ ذريعي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڇوڙ ڪرائي ڊيلٽا کي تباهي کان بچايو وڃي ۽ سنڌو دريا تي 6 ڪئنالن جي اڏاوت وارو تڪراري فيصلو توڙي گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جون زمينون کسڻ واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي.
اُن سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران مڪلي تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر جلال شاھہ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو تحريڪ انصاف ٺٽي جي ضلعي صدر امجد شاھہ انساني حقن واري کاتي جي ترجمان وقار النساءُ جسقم جي اڳواڻ اياز شاھہ ٺٽي جي شاعره گل بيبي شاھ جماعت اسلامي جي اڳواڻ امير حمزه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏھن ته اي پي سي کي خطاب ڪندي ڄاڻايل تنظيمن جي اڳواڻن سميت قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظھر راهوجو سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناهيد جوڳي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو ياسر جاکرو ممتاز شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته، سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائي سنڌ جي خودمختياري تي حملو ڪرڻ آھي، ملڪي آئين توڙي قانون سنڌ جي پاڻي وسيلن ۽ زمينن تي قبضي جي ڪنھن کي به اجازت نٿو ڏئي، هنن چيو ته هٿ وٺي هڪ طرف ڪينالن جي صورت ۾ ته ٻئي طرف گرين پاڪستان جي نالي تي زمينن تي قبضا ڪري ۽ سنڌ کي بنجر بڻائي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سندن پيرن هيٺان زمين کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اُن موقعي تي قومي عوامي تحريڪ پاران سڏايل اي پي سي ۾ قرارداد منظور ڪندي 6 ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو توڙي گرين پاڪستان جو منصوبو فوري طور تي رد ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ سنڌ جي بي زمين هارين ۾ 50-50 ايڪڙ زمين ورهائڻ ڪوهستان جي زمينن تي ٿيندڙ والار ختم ڪري دراوت ڊيم جي ڪمانڊنگ ايريا ۾ ايندڙ زمينون مقامي ماڻھن کي الاٽ ڪرڻ سنڌ جي اتر وارن ضلعن مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪري قانون جي حڪمراني کي يقيني بنائڻ پريا ڪماري جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ گُھر ڪئي وئي ته سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ زمينن تان قبضا واپس وٺي ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش بند ڪئي وڃي ۽ مارجي ويل صحافين شھيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصر اللّٰه گڏاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. اي پي سي ۾ پ پ شھيد ڀُٽو ڪميونسٽ پارٽي ايس يو پي سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
Load/Hide Comments


