لاڙڪاڻي ۾ مختلف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان قوم پرست سياست کي الوداع ڪندي هٿن ۾ قومي پرچم کڻي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مختلف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان قوم پرست سياست کي الوداع ڪندي هٿن ۾ قومي پرچم کڻي قومي ڌارا ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ جسمم اڳواڻ زاهد علي بليدي، محمد حسن، ارشد انڙ، عديل ابڙو، هاتم سخي انڙ سميت جسقم، جسم، جساف ۽ ٻين قومپرست تنظيمن سان واسطو رکندڙ 50 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته قومپرست جماعتن سنڌ جي حقن جو نعرو لڳرائي سنڌ جي سادن ماڻهن خاص طور تي نوجوانن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن توڙي ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي تخريبي ڪاروائين لاءِ استعمال ڪندا آهن. هنن چيو ته جسمم، جسم، جسقم ۽ جساف جهڙيون تنظيمون سنڌ جي امن پسند ماڻهن کي ڳجهن مقصدن

لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، انهن تنظيمن جا اڳواڻ ملڪ دشمن ايجنسين جي پئسن تي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ پرڏيهي ملڪن ۾ رهي هر طرح جون آسائشون حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته منفي پروپگينڊه ڪري نوجوانن کي پاڪستان جي فوج ۽ ملڪ جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، اڄ اسان کي مڪمل طور تي احساس ٿي چڪو آهي ته انهن تنظيمن ۾ رهي اسان کي شرمندگي ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيو، جنهن پاڪستان جي خلاف اسان ۽ اسان جا ساٿي نعرا لڳائي ريليون ڪڍندا هئاسين ان پاڪستان حقيقي ۾ اسان کي حق، عزت ۽ سڃاڻپ ڏني آهي. هنن چيو ته اسان سڀني نوجوانن کي اپيل ٿا ڪيون ته پنهنجو سمورو ڌيان تعليم تي ڏئي پاڪستان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪن ۽ ڪنهن به لسانيت توڙي قوميت جي سازش جو حصو نه بڻجن، اسان سڀ هڪ قوم ۽ پاڪستاني آهيون، انهن تنظيمن کي پرڏيهي طاقتن جي اشاري تي هلايو پيو وڃي ۽ ان جو نشانو اسان نوجوان بڻجون ٿا جيڪي پنهنجي مستقبل کي انهن ڪوڙن ۽ ٺڳيندڙ اڳواڻن جي پويان هلي ڪري تباهه ڪندا آهن. هنن چيو ته اڄ اسين حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي يقين ٿا ڏياريون ته اسان وطن سان مخلص رهنداسين ۽ اسان توڙي اسان جي دوستن، ساٿين جو اڄ کان ڪنهن به قومپرست پارٽي يا تنظيم سان ڪنهن به قسم جو ڪو به تعلق نه هوندو ۽ اسان جون سموريون طاقتون ۽ زندگيون پاڪستان جي لاءِ وقف هونديون.

اپنا تبصرہ بھیجیں