
سرسو پاران سکر ۾ پهرئين سائنس فیسٽیول: مختلف ضلعن جي ٻھراڙيءَ جي علائقن جي شاگردن پاران پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ويو
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران پھريون سائنس فیسٽیول 2025 سرسو ڪامپليڪس سکر ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، خيرپور ۽ سکر ضلعن جي 27 ڪلسٽرز ۽ اي ايم او اسڪولن جي 300 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران حصو ورتو.
هن فیسٽیول ۾ شاگردن سائنسي ماڊلز ۽ پروجيڪٽس پيش ڪيا، جن ۾ سولر سسٽم، اليڪٽرڪ ڪنڊڪٽيويٽي، انساني هاضمي جو نظام، ۽ ٻيا ڪيترائي مختلف موضوع شامل هئا. پٺتي پيل ڏورانهن علائقن جي شاگردن پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ۽ ڏسندڙن کي حيران ڪيو.
اڳوڻي تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري ۽ سرسو بورڊ جي آڊٽ واري چيئرمين شفيق احمد کوسو سائنس فیسٽیول جو افتتاح ڪيو. هن موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر بُشرا منصور، ڊاڪٽر محسن قريشي، ڊاڪٽر نويد، ڊائريڪٽر IBA ڪنڌڪوٽ، علي اڪبر ڪلهوڙو، ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن سکر صلاح الدين اوستو، ضلعي مينجر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شڪارپور ۽ سميت تعليمدان، صحافي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
فيسٽول کي خطاب ڪندي شفيق احمد کوسو اميد ظاھر ڪندي چيو ته اهڙا پروگرام سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سائنسي فهم ۽ سندن اعتماد وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن زور ڏنو ته تعليم هر ترقي ۽ بھترين معاشري جو بنياد جز آهي ۽ سرسو جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد ڏتل ڪلھوڙو سميت اسان سڀئي تعليم خاص طور تي نياڻين جي تعليم جي ميدان ۾ کين ھر سھولت فراھم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن چيو ته سرسو جي انتظام ھيٺ ھلندڙ ڪلسٽر اسڪول ۽ اي ايم او اسڪولن ۾ نه صرف تمام بنيادي سهولتون مھيا آھن بلڪه ڪوالٽي ايجوڪيشن پڻ مثالي فراھم ڪئي پئي وڃي.
ھن چيو ته سرسو پاران رٿيل ھن سائنسي فيسٽول ۾ ڪشمور کان سکر تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جھڙي خوبصورتي ۽ محنت سان پنھنجا سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا ماڊل رکيا آھن سي ڪنھن بہ طرح وڏن شھرن جي مھانگن اسڪولن ۾ پڙھندڙن شاگردن کان گھٽ ڪونه آھن.
سرسو جي سوشل سروس سيڪٽر جي سينئر مينجر نعمت الله شيخ شرڪت ڪندڙ سڀني مھمانن جي آجيان ڪندي چيو ته ٻھراڙيءَ سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت انهن جي تعليم ۾ دلچسپي ۽ سائنس جي استعمال ڪرڻ جي جذبي کي ظاھر ڪري ٿي.
پروگرام جي آخر ۾ بھترين ماڊل قرار ڏيندڙ چئن اسڪولن کي مڃتا ۽ حوصلہ افزائي طور پھريون انعام 15000, ٻيون انعام 10,000 ۽ ٽيون انعام 5000 سميت اسٽيم باڪس ڏنا ويا جڏھن ته خاص مھمانن کي يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.


