پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري ڪراچي ورلڊ بُڪ فيئر جو اڄ (آچر ڏينهن) چوٿون ڏينهن آهي.

ڪراچي ( ) پاڪستان پبلشرز اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري ڪراچي ورلڊ بُڪ فيئر جو اڄ (آچر ڏينهن) چوٿون ڏينهن آهي. ڪراچي ورلڊ بُڪ فيئر پوري آب و تاب ۽رونق سان جاري آهي. ٽئين ڏينهن به ڪتابن سان محبت ڪندڙن جي وڏي تعداد بُڪ فيئر جو رُخ ڪيو. ڪراچي ورلڊ بُڪ فيئر ۾ گذريل ڏينهن اٽڪل 200 کان وڌيڪ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن سميت 3 لک کان وڌيڪ شهرين شرڪت ڪئي. بُڪ فيئر جي اسٽالن تي ٻارن جون ڪهاڻيون، ناول ۽ تاريخي ڪتابن تي شهرين جو وڌيڪ رش نظر آيو، جڏهن⁠ته سائنس فڪشن، معلوماتي ۽ ٻين قسمن جون ڪتابون به وڏي تعداد ۾ خريد ڪيون ويون. ورلڊ بُڪ فيئر ۾ گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي وزيرِ تعليم ۽ تربيتي خالد مقبول صديقي، مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي، ايم اين اي احمد سليم صديقي، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر، نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران جهانگير، ريجنل ڊائريڪٽر فياض، اديبه فاطمه حسن سميت ادبي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي شخصيتن دورو ڪيو. ورلڊ بُڪ فيئر ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي پبلشرن ۽ بُڪ سيلرز طرفان 329 اسٽال لڳايا ويا آهن، جن ۾ ملائيشيا، ترڪي، مصر، يو اي اي سميت 17 ملڪن جا پبلشرز ۽ بُڪ سيلرز به شامل آهن. ورلڊ بُڪ فيئر 22 ڊسمبر، سومر ڏينهن تائين جاري رهندو.

پاڪستان اسان جو آهي، ان کي بچائڻو آهي: خالد مقبول صديقي
ڪتاب اسان جي ميراث، ڪراچي هلندو آهي ته پاڪستان پلجندو آهي
ڪراچي ( ) وفاقي وزيرِ تعليم ۽ تربيت خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪتاب اسان جي ميراث آهن، ڪراچي هڪ ننڍڙو پاڪستان آهي جيڪو وڏي پاڪستان کي سنڀالي ٿو. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ اچي ايمان ۽ يقين تازو ٿي وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري 5 ڏينهن واري ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ ڪيو. وفاقي وزيرِ تعليم خالد مقبول صديقي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سان گڏ ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر جو دورو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 20 سالن کان دنيا کي بڪ فيئر ذريعي اها رونق ڏيکاري پئي وڃي. ڪراچي ننڍڙو پاڪستان آهي، ڪراچي هلندو آهي ته پاڪستان پلجندو آهي. پاڪستان اسان جو آهي، ان کي بچائڻو آهي. هن چيو ته 17 سالن کان قومي اتفاقِ راءِ خلاف ڪراچي سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو هاڻي شڪست کائي چڪو آهي. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ اچي ايمان ۽ يقين تازو ٿي ويندو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪتاب ميلي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي شهر علم ۽ ڪتابن سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو شهر آهي. ڪتاب سان دوستي جو ڪو نعم البدل ناهي. ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي پر ان جي باوجود ڪتابن جي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڪتاب ماڻهوءَ جي زندگي جي رهنمائي ڪن ٿا. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته جيڪي ماڻهو سمجھندا آهن ته اڄ جي دور ۾ ڪتابن جي اهميت ختم ٿي وئي آهي، اهي ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر اچي ڏسن ته علم ۽ ڄاڻ جا طلبگار اڄ به سيراب ٿي رهيا آهن. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي شهر اڄ به ڪتابن سان محبت ڪري ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں