شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي: ميرپورخاص ڊويزن جو اهم اجلاس


مٺي: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي ميرپورخاص ڊويزن جو اهم اجلاس ملاڻي هائوس مٺي ۾ منعقد ٿيو.
اجلاس ۾ ميرپورخاص ضلعي صدر ايم اين اي نوابزاده مير منور ٽالپر، ميرپورخاص ڊويزن صدر ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي , ڊويزنل جنرل سيڪريٽري صوبائي وزير مير طارق علي خان ٽالپر, ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري تيمور مھر، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، صلاحڪار دوست محمد راهمون، ايم پي اي راڻا همير سنگهه، ضلعي صدر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، سينيئر نائب صدر برھان ڪنڀار، سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿاراڻي، ضلعي جنرل سيڪريٽري سشيل ڪمار ملاڻي، جنيد بلند، صوفي نواز سومرو، سينيئر نائب صدر دادن ھنگورجو، انفارميشن سيڪريٽرين ويرجي ڪولهي، گھنشام راٺوڙ، اعظم نوحاڻي، ميئر رئوف غوري، ضلعي ڪائونسل چيئرمين حاجي بقا پلي سميت ونود ڪمار ملاڻي، درشن ڪمار ملاڻي، ڊاڪٽر لو ڪمار ملاڻي، سرمد بلالاڻي، فقير فيصل بلالاڻي، رئيس زنو خان نوحاڻي، محبوب کوکر، ڊويزنل، ضلعي، تعلقي، ذيلي ونگس جي عهديدارن، ٽائون چيئرمينز، يوسي چيئرمينز ۽ وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي کي ڀرپور، منظم ۽ تاريخي نموني ملهائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته ورسي جي تقريبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ ذميواريون سونپيون ويون.
اجلاس جي آخر ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت، عوامي حقن ۽ ملڪ لاءِ ڪيل قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں