
ڪراچي (21 جنوري): سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو اوچتو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ ڪيماڙي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ رسالا ماڊل پوليس ٿاڻي جي اوچتو ڪيو، دوري دوران غير حاضر رهندڙ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ هڪ مختيارڪار کي معطل جڏهن ته هڪ سب رجسٽرار کي بريفنگ نه ڏيڻ تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته شهرين جي حفاظت ۽ تحفظ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪيماڙي: ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڏي وزير ڏٺو ته ڪيترائي آفيسر غير حاضر هئا جڏهن ته مقامي ماڻهو مدد جي انتظار ۾ بيٺا هئا. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) نواز ڪلوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور محمد ياسين ۽ مختيارڪار مير محمد نواز ٽالپور ڊيوٽي تي نه آيا هئا. ڊوميسائيل آفيس جي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ڊوميسائيل جاري ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل نوجوانن سان ملاقات ڪئي. خبر پئي ته سندس ڊوميسائل جي پروسيسنگ مڪمل ٿي چڪي هئي پر هو غير حاضر اسسٽنٽ ڪمشنر جي صحيحن جو انتظار ڪري رهيا هئا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سندس ڊيوٽي تان معطل ڪيو وڃي، جنهن تي چيف سيڪريٽري فوراً معطلي جا حڪم جاري ڪيا. وڏي وزير گڏاپ ٽائون سب رجسٽرار 2 جي آفيس جو پڻ معائنو ڪيو. ڊيوٽي تي موجود سب رجسٽرار عبدالنبي لاشاري وڏي وزير کي پنهنجي آفيس جي معاملن بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سندس واپس بورڊ آف روينيو ڏانهن منتقلي جو آرڊر ڏنو. رساله پوليس ٿاڻو: وڏي وزير، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ رسالا پوليس اسٽيشن جو به اوچتو دورو ڪيو جتي هن حاضري رجسٽر چيڪ ڪيو، ٿاڻي جو جائزو ورتو ۽ ماڊل پوليس ٿاڻي جي سهولتن جو جائزو ورتو. معائني دوران وڏي وزير ڏٺو ته پوليس ٿاڻي ۾ 100 اهلڪار هجڻ گهرجن ها پر رڳو 30 اهلڪار ڊيوٽي تي هئا. ايس ايس پي سٽي وضاحت ڪئي ته 100 اهلڪارن مان 85 پوليس ٿاڻي تي مقرر آهن ۽ صبح ۽ شام ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير ٿاڻي جو جائزو ورتو جتي 9 ماڻهو قيد هئا. انهن ايف آءِ آر رجسٽر جو به معائنو ڪيو ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته ڪنهن به شخص کي ايف آءِ آر کان سواءِ قيد ۾ ته نه آهي. ان کان علاوه هن قيدين سان پڻ ڳالهايو ته جيئن انهن جي مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. وڏي وزير ليڊيز شڪايت ڪندڙن جي مدد لاءِ قائم ڪيل ليڊيز روم جو دورو ڪيو جتي هڪ جونيئر پوليس ڪانسٽيبل هئي پر هن وٽ ملاقاتين جو ڪوبه رڪارڊ يا شڪايتن بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي. وڏي وزير ان تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ايس ايس پي سٽي کي هدايت ڪئي ته ليڊيز روم ۾ هڪ ليڊي هيڊ ڪانسٽيبل مقرر ڪئي وڃي ۽ شڪايت ڪندڙن جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ رکيو وڃي. مراد علي شاهه شڪايتون وصول ڪرڻ ۽ ٽريڪ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم تحت قائم ڪيل سهولت ڊيسڪ جو پڻ جائزو ورتو. انهن ڏٺو ته شڪايتون اڃا تائين هٿراڌو حل ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير ايس ايس پي کي هدايت ڪئي ته ڪمپيوٽرائيزيشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. عمارت اندر ٻہ پوليس ٿاڻن، هڪ عيدگاهه ۽ هڪ رساله قائم هو جڏهن ته هڪ عورتن جو پوليس ٿاڻو تعمير هيٺ هو. وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فنڊ جاري ٿيڻ باوجود وومين پوليس اسٽيشن جي تعمير ڇو مڪمل نه ٿي سگهي، ان جي جاچ ڪئي وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
Load/Hide Comments


