سنڌ حڪومت جو يوريا ڀاڻ جي مهانگي اگهه تي ذخيرو ڪرڻ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو. سنڌ ۾ 175 ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي، 40 لک رپيا ڏنڊ، 41 دڪاندارن جون ڊيلرشپ معطل. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.

ڪراچي 28 ڊسمبر 2023: چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ يوريا ڀاڻ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت سيد اعجاز شاهه، ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽينشن منير احمد جماڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هارين کي يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ فراهمي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. زراعت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ 175 ذخيره اندوزن خلاف 40 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي 41 ڊيلرز جي ڊيلرشپ معطل ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڊويزنل ڪمشنرن رعايتي قيمتن تي ڀاڻن جي فراهمي کي

يقيني بڻائڻ جي قدمن بابت بريفنگ پڻ ڏني. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ يوريا ڀاڻ جي 100 سيڪڙو اسٽاڪ جي تصديق کي يقيني بڻائين. يوريا جي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڏنڊ جي رقم کي به وڌايو وڃي ۽ جيڪڏهن ڊيلر بار بار ذخيره اندوزي ۾ ملوث ثابت ٿيو ته ڊيلر خلاف قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ٿيل يوريا ڀاڻ جون ٻوريون ضبط ڪري سرڪاري اگهه تي نيلام ڪيو وڃن. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو ته وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي ويندي ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي يوريا ڀاڻ بابت ڊيش بورڊ تائين رسائي ڏني وڃي ته جيئن اسٽاڪ جي تصديق ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي موثر طريقي سان ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي ويندي ته يوريا ڀاڻ سپلائي ڪندڙ ڪمپنين کي به پابند ڪيو وڃي ته هو ڊيلر جي اسٽاڪ بابت آگاهه ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته يوريا فرٽيلائزر ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.
هينڊآئوٽ نمبر….. 3000 ايف آئي جي
====================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں