
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ الھبخش شورو جي رھواسي وڏيرو شفيع محمد عرف شفو شورو ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو اھي تہ ھن پنھنجي ڳوٺ کي بنيادي سھولتون ڏياري ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ لاء ڪوھستان واسين سان گڏ جدوجھد جو آغاز ڪيو آھي تہ علائقي جا بااثر ماڻھون مٿس ڏمرجي کيس نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، جيڪي مختلف حربا استعمال ڪندي کيس حراسان ڪري کانئنس سندن روزگار کسڻ چاھين ٿا، جيڪي مختلف وقتن تي کيس سخت پريشان ڪري کيس نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، جن مان کيس نقصان جو خطرو اھي، وڏيرو شفيع محمد شورو چيو تہ اسانجي ڳوٺ کي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميہ ھر واري سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکي نظر انداز ڪيو اھي، جيڪي بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاء جدوجھد جو آغاز ڪيو اھي تہ بااثر ماڻھون اسانکي پنھنجي حقيقي جدوجھد تان ھٿ کڻائڻ لاء مختلف بھانا بنائي پريشان ڪري رھيا آھن، ھن چيو تہ اسانجي ڳوٺ ۾ پيئن جي صاف پاڻي، تعليم، صحت، بجلي، روزگار، روڊ، رستي، اسڪول جي ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي، ھن گھر ڪئي تہ سندن ڳوٺ کي گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کيس نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ کين بنيادي سھولتون نہ مليون تہ ھو متاثر ڪوھستان واسين سان گڏ 15 سيپٽمبر تي ڊي سي افيس مڪلي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي مسئلن جي حل تائين احتجاج کي جاري رکندا.
===========================


