
حڪومت سنڌ، ڪراچي
4644 ترقياتي اسڪيمون تيزي سان جاري، 1200 آخري مرحلن ۾، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير جو اسيمبلي ۾ خطاب
ڪراچي (20 مارچ 2025): سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته صوبي سنڌ ۾ 4644 ترقياتي اسڪيمون تيزي سان مڪمل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته 1200 اسڪيمون آخري مرحلن ۾ آهن. 1777 ترقياتي اسڪيمون مڪمل فنڊ ٿيل آهن ته جيئن انهن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ بجيٽ جي کوٽ سبب ڪا به اسڪيم اڻپوري يا دير جو شڪار نه ٿئي، جڏهن ته هزارين مڪمل ٿيل اسڪيمون ان کان علاوه آهن. سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جو ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي، ان جو سبب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي، جنهن تحت سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ سندس ٽيم عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وفاق پاران پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ٻين طريقن سان به مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون آهن. سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي شفافيت ۽ معيار کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ سميت ٻين عالمي ادارن سنڌ لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊز ڏنا، جنهن جو سبب وزيراعليٰ سنڌ جي نگراني ۾ ٿيل ترقياتي منصوبن جو اعليٰ معيار ۽ شفافيت آهي. توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم ورهايا پيا وڃن، جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ سولر هوم سسٽم فراهم ڪيا ويندا، جنهن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ جا ٿورائتا آهيون. سڀني ميمبرن کي گهرجي ته هو پنهنجي علائقن جي مستحق خاندانن جون لسٽون فراهم ڪن ته جيئن ان تي عمل ڪري سگهجي. هائبرڊ پارڪ ۽ سولر پارڪ پڻ قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي سستي بجلي فراهم ڪري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي رليف جي ويزن کي مڪمل ڪري سگهجي. وفاق پاران سولر پينلز استعمال ڪندڙن تي “نيٽ ميٽرنگ” جي نالي سان نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، سنڌ حڪومت جي سولرائزيشن اسڪيم ۽ سولر توانائي کي اپنائيندڙن جي حوصلا شڪني آهي، جنهن خلاف اسيمبلي جي ميمبرن کي آواز اٿارڻ گهرجي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته “ڪراچي اسان جو سنڌ، اسان جو دل، ۽ اسان جي جان آهي.” سنڌ حڪومت ڪراچي جي خاص سنڀال ڪري رهي آهي، جنهن جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته صرف ڪراچي ۾ سالانه ترقياتي پروگرام تحت 76 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فارن ايڊڊ پروگرام (FPA) جي رڳو 6 اسڪيمون لاءِ 103 بلين کان وڌيڪ بجيٽ رکيو ويو آهي. 288 ملين 87 وڏن منصوبن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن.
هينڊآئوٽ نمبر….368 ايم ايس ايس


