سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽائيٽل ٽرانسفر ڏانهن اهم اڳڀرائي

سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽائيٽل ٽرانسفر ڏانهن اهم اڳڀرائي

وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت اهم اجلاس

زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سان ملڪيت جي تصديق ۽ ٽرانسفر جو عمل وڌيڪ آسان ٿيندو، چيف سيڪريٽري سنڌ

اي-ٽائيٽل ٽرانسفر نظام ۾ نادرا، ايف بي آر ۽ بينڪن کي ڳنڍيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ

زمينن جي رڪارڊ جي درستگي لاءِ (CNIC) نمبر شامل ڪيا ويا آهن، آصف حيدر شاهه

زمينن جي رڪارڊ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه

پائلٽ پروجيڪٽ ديهه مٽياري، پاليجاني ۽ ديهه باگرجي ۾ شروع ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ بريفنگ

ويب بيسڊ اي-ٽائيٽل ٽرانسفر سسٽم سان عوام کي ڪاغذي ڪارروائي کان ڇوٽڪارو ملندو، چيف سيڪريٽري سنڌ

عوام کي رڳو پيپلز سروس سينٽرن تي بايوميٽرڪ تصديق ڪرائڻي پوندي، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه

سنڌ حڪومت اي-ٽائيٽل ٽرانسفر سان عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪندي، چيف سيڪريٽري سنڌ

زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن سان ڪرپشن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، چيف سيڪريٽري سنڌ

حڪومت عوام کي غير ضروري طور تي دفترن جا چڪر لڳائڻ جي تڪليف کان بچائڻ چاهي ٿي، چيف سيڪريٽري سنڌ

منصوبي کي جلد وزيراعليٰ سنڌ جي سامهون باقاعده طور پيش ڪيو ويندو، چيف سيڪريٽري سنڌ

اجلاس ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، وائس چانسلر سکر آءِ بي اي، سيڪريٽري آءِ ٽي، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں