گذريل رات دير سان ميرپور ساڪرو لڳ ڳوٺ علي محمد ملاح جي رھواسي 12 سالہ نينگر اصغر ولد ناظم ملاح کي نانگ ڏنگي وڌو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گذريل رات دير سان ميرپور ساڪرو لڳ ڳوٺ علي محمد ملاح جي رھواسي 12 سالہ نينگر اصغر ولد ناظم ملاح کي نانگ ڏنگي وڌو، جنھن کي ميرپور ساڪرو جي شيخ زيد اسپتال آندو ويو، جتي نانگ جي ويڪسين نہ ھئڻ سبب ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر اصغر کيس ڪراچي ريفر ڪيو، جڏهن ته وارثن پاران 1122 تي بار بار فون ڪرڻ باوجود مسلسل ملندڙ آسرن بعد ايمبولينس نہ ملڻ سبب وارثن پرائيويٽ گاڏي ۾ معصوم نينگر اصغر ملاح کي ڪراچي کڻي وڃي رھيا ھئا تہ معصوم نينگر رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، فوتي نينگر جي وارثن الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندن نينگر جي موت جا ذميوار اسپتال جا ڊاڪٽر توڙي 1122 وارا آھن، جن جي غفلت سبب سندن نينگر وقت سر ڪراچي اسپتال نہ پھچڻ توڙي کيس نانگ جي زھر ختم ٿيڻ واري ويڪسين نہ لڳڻ آھي، ھنن وس وارن کان ھن معاملي جي جانچ ڪرائي انصاف جي گھر ڪئي آھي، ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ ميرپور ساڪرو پاران پيپلس ايمبولينس 1122 ۽ مرف انتظاميه جي نااھلي سبب نانگ ڏنگيل معصوم نينگر اصغر ملاح کي صحت جون سھولتون نہ ملڻ ڪري تڙپي پڙپي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن مرتضيٰ لاشاري، گلزار شاھ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ معصوم نينگر جي موت جا ذميوار 1122 ايمبولينس توڙي مرف اين جي اوز جي انتظاميہ آھي، جن خلاف ڪاروائي ڪري معصوم نينگر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں