
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي 35 هين يوم تاسيس جي موقعي تي فلاحي اداره اهلسنت خدمت فائونڊيشن طرفان غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ عيد راشن ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروهي، حافظ مدد علي قادري، رياض علي قاسمي، آصف علي قاسمي، قمرالدين عطاري، محمد عدنان قادري، محمد عمير قادري، حافظ عطاءُ الله ابڙو، حافظ محمد عيسيٰ، صاحبزاده محمد علي قاسمي، مفتي عبدالرحمان قاسمي، حافظ محمد دين، عبدالستار منگي، خالد مگسي، حاجي روشن انڙ سميت ٻين شرڪت ڪري غريب ۽ مستحق شهرين ۾ راشن ورهايو. ان موقعي تي پاڪستان سني تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سني تحريڪ محب وطن جماعت آهي، 1990ع ۾ پاڪستان سني تحريڪ جو قيام عمل ۾ آيو، هي تنظيم پنهنجي شروعاتي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين فلاحي، سماجي ۽ مذهبي ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان سني تحريڪ هميشه ملڪ پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ اسين هميشه بلند ڪندا
رهنداسين.


