ٺٽي جي سي آئي اي پوليس مڪلي باء پاس روڊ تي ڪاروائي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن طور پاڻ کي ظاهر ڪري جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ڪرولا ڪار ذريعي منشيات سپلائي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي سي آئي اي پوليس مڪلي باء پاس روڊ تي ڪاروائي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن طور پاڻ کي ظاهر ڪري جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ڪرولا ڪار ذريعي منشيات سپلائي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو، تفصيل موجب سي آئي اي پوليس ٺٽو جي انچارج ممتاز علي بروھي پوليس عملي سان گڏ مڪلي باء پاس وٽ سوزوڪي شوروم ڀرسان ڪامياب ڪاروائي ڪري هڪ جعلي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ڪرولا ڪار نمبر GSF 112 کي روڪي جوابدار راشد حسين سومرو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي گاڏي مان 5 سئو پيڪيٽ گٽڪو مائو ۽ 220 ڪلو چورو سوپاري هٿ ڪيو ويو، جيڪو گٽڪي مٽيريل طور استعمال لاء سپلائي ڪيو پئي ويو، صحافين سان ڳالھائيندي سي آء اي ٺٽو جي انچارج ممتاز علي بروھي ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار راشد سومرو هڪ شاستر قسم جو جوابدار آھي، جنهن پاڻ کي سرڪاري آفيسر يعني اينٽي ڪرپشن جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ظاهر ڪري مذڪوره سرڪاري گاڏي هميشه غلط ڪمن لاء استعمال ڪندو هو کيس گرفتار ڪري گاڏي ۽ ھٿ ڪيل منشيات سميت سندس خلاف مختلف قلمن تحت مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ سندس بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، انچارج سي آئي اي پوليس ٺٽو ممتاز بروهي وڌيڪ چيو تہ گرفتار
جوابدار وٽان جعلي سرڪاري ڪارڊ پڻ برآمد ڪيا ويا آهن، ھن چيو تہ گرفتار جوابدار راشد سومرو جو اصل تعلق لاڙڪاڻي سان آھي جيڪو هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهندڙ آھي، وٽس اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي جعلي ڪارڊ سميت ايف ڊبليو او جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جا جعلي ڪارڊ استعمال ڪري غير قانوني ڏوهي سرگرميون ڪندو هو، ساڳئي وقت پوليس جو ڪيپ سرڪاري نمبر پليٽ لڳل گاڏي استعمال ڪري پوليس کي بيوقوف بڻائي ڏوهي وارداتون ڪندو هو، جنھن کي گرفتار ڪري گھڻ رخي جانچ ڪئي پئي وڃي، جيئن آئندہ ڪوبہ فرد اھڙو عمل ڪرڻ جو سوچي بہ نہ سگھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں