ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ بيواھ بي سھارا عورتن سميت معذور ماڻھون موجود آھن، جن جي پوئيواري نہ ٿيڻ ڪري اھي بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ بيواھ بي سھارا عورتن سميت معذور ماڻھون موجود آھن، جن جي پوئيواري نہ ٿيڻ ڪري اھي بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، جن جو الله کانسواء ٻيو ڪو سھارو ئي ناھي، پر سندن ڪير بہ سار لھڻ وارو ناھي، ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي مختلف ڪوھستاني ڳوٺن جي رھواسي پيرسن بي سھارا بيواھ عورتن توڙي معذور ماڻھن بيواھ صالحيان، پياري، مرکان، معذور محرم، گلاب، عمر ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي تہ ھو معذوري سبب ڪم ڪرڻ جي قابل ناھن رھيا، سندن ٻيو ڪير ڪمائي وارو بہ ناھي، سندن ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي، جنھن ڪري ھو بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن، ھنن چيو تہ سندن گھر پيل برسات دوران منظور ٿيا ھئا، پر کين گھر بہ ملي ناھن سگھيا، ھنن چيو تہ ھي رمضان شريف جو ڀلارو مھينو ھلي پيو، پر سندن ڪير بہ سار لھڻ وارو ناھي، ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ سندن سار لھي کين بک ۽ بدحالي کان بچائڻ سان گڏ سندن منظور ٿيل گھر کين ٺھرائي ڏنا وڃن، جيئن ھو وڌيڪ پريشاني کان بچي سگھن.

اپنا تبصرہ بھیجیں