سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايس ٿري (S-III) منصوبي تحت ٽي پي-ون (TP-I) پلانٽ کي آگسٽ جي آخر تائين مڪمل طور تي فعال بڻائڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته ٽي پي-فور (TP-IV) تي ڪم کي تيز ڪري ايندڙ هڪ سال اندر مڪمل ڪيو وڃي.

ڪراچي (26 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايس ٿري (S-III) منصوبي تحت ٽي پي-ون (TP-I) پلانٽ کي آگسٽ جي آخر تائين مڪمل طور تي فعال بڻائڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته ٽي پي-فور (TP-IV) تي ڪم کي تيز ڪري ايندڙ هڪ سال اندر مڪمل ڪيو وڃي.اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڏنيون ويون جنهن ۾ وزير رٿابندي ۽ ترقي ناصر شاهه، وزير بلديات سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن، وڏي وزير جو سيڪريٽري زمان ناريجو ۽ واٽر بورڊ جو سي اي او احمد علي صديقي شرڪت ڪئي. ايس ٿري منصوبو ڪراچي جي سنگين گندي پاڻي واري مسئلي جي حل لاءِ هڪ اهم قدم آهي جتي روزانو 400 کان 450 ملين گيلن گندو پاڻي پيدا ٿئي ٿو جنهن جو وڏو حصو بغير ٽريٽمينٽ جي لياري ۽ ملير ندين ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. منصوبي جو مقصد آهي گندي پاڻي کي روڪي ان جي صفائي ڪري ۽ ان کي محفوظ طريقي سان نيڪال ڪري ماحولياتي تحفظ، سامونڊي حيات جي بقاء ۽ عوامي صحت جي خطرن کي گهٽائڻ آھي. منصوبي جي مکيه ڪمپوننٽ ۾ لياري ۽ ملير بيسن ۾ مختلف ٽرانسميشن پيڪيجز، موجوده صفائي پلانٽن جي اپ گريڊيشن ۽ نون پلانٽن جي تعمير شامل آهي. ٽي پي-ون تحت پراڻي صفائي پلانٽ جي مرمت ۽ گنجائش ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي جنهن کي آگسٽ 2025 تائين ڪمشننگ لاءِ تيار ڪيو ويندو. ٻئي طرف ٽي پي-فور هڪ مڪمل گندو پاڻي صاف ڪرڻ ۽ ري سائيڪلنگ سسٽم تي مشتمل آهي جنهن ۾ مختلف هنڌن تي پاڻي جي وهڪرن ۽ معيار جي جانچ شامل آهي. صنعتي گهرجن بابت سروي مان معلوم ٿيو آهي ته علائقي ۾ 3600 کان وڌيڪ صنعتون روزانو 42 ملين گيلن پاڻي جي طلب آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي منصوبو ڪراچي جي شهري اسٽرڪچر ۾ اثرائتو سيوريج سسٽم شامل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ٽي پي-ون پلانٽ جي مرمت جو ڪم 67 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي باقي رڳو اليڪٽريڪل ڪم آهي جيڪو فنڊز جي فراهمي تي مڪمل ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٽي پي-ون پلانٽ کي آگسٽ جي آخر تائين هلائڻ شروع ڪيو وڃي ۽ ٽي پي-فور تي ڪم تيزي سان جاري رکيو وڃي ته جيئن هڪ سال جي اندر مڪمل ٿي سگهي. وڏي وزير وزير بلديات ۽ ميئر ڪراچي کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي منصوبي جي اڳڀرائي جي نگراني ڪن ته جيئن مقرر ڪيل وقت اندر ڪم مڪمل ٿي سگهي.

عبدالرشيد چنا

ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں