
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي)
ملھ پھلوان ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران مشھور ملھ پھلوان اياز شاھ بخاري جي گرفتاري ۽ ان تي داخل ٿيل ڪيس جي خلاف احتجاجي مظاهرو پبلڪ پارڪ مڪلي کان نيشنل پريس ڪلب تائين ڪيو ويو احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندَي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، عوامي رابطا تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل سرور پليجي، ملھ ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري غلام نبي شيدي ء ٻين خطاب ڪندي چيو ته اياز شاھ سنڌ جي ثقافتي راند

ملھ جو رانديگر آھي جنهن خلاف ڳاڙهو پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس مڪلي تان گرفتار ڪيو
پوليس بيگناھ پهلوان کي ڪيس ۾ ڦاسائي تنگ ڪري رهي آهي
پوليس خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ عدالت ۾ پوليس خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي


