درگاھ حضرت سيد ”سخي شھيد بلاول شاھ ڍوري واري جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو ٺٽي کان 17 ڪلوميٽر اتر طرف ٺٽو وايا جھمپير لنڪ روڊ ڀرسان ڳوٺ جمعون بڪڪ ويجھو سندس آخري آرام گاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي،


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) درگاھ حضرت سيد ”سخي شھيد بلاول شاھ ڍوري واري جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو ٺٽي کان 17 ڪلوميٽر اتر طرف ٺٽو وايا جھمپير لنڪ روڊ ڀرسان ڳوٺ جمعون بڪڪ ويجھو سندس آخري آرام گاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، ميلي جي آخري ڏينھن تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد مدد علي شاھ ڪاظمي، درگاھ جي خدمتگار فقير علي گوھر ٻارڻ ۽ خدابخش بڪڪ سان گڏ درگاھ تي پھچي چادرون چاڙھي دعائون گھرڻ بعد منعقد ٿيل ملاکڙي ۾ شرڪت ڪئي، جتي ملھ پھلوان خان بھادر شورو، آصف منگسي، نظر ملاح، حليم پٺاڻ، نديم ملاح، ٽريڪٽر شيدي، سونو چانڊيو، وزير لاشاري، دل جان خاصخيلي، عمير شيدي، بجلي خاصخيلي ۽ ٻين ملھون ماري خوب داد حاصل ڪيو، جن کي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، فقير علي گوھر ٻارڻ، خدابخش بڪڪ، محمد قاسم ملڪاڻي، مخدوم فيصل شاھ گادي نشين مخدوم سرور، عبدالعزيز ميمڻ، شوڪت علي بڪڪ، لياقت بڪڪ، اعزاز علي ٻارڻ، نادر علي ٻارڻ، ابوبڪر بڪڪ، نبي بخش بڪڪ، قادر بخش بڪڪ، سڪندر بڪڪ، يونس بڪڪ، اسد گوپانگ، اسماعيل ميمڻ، عبدالرشيد درس، حاجي علي نواز جاکرو، وڏيرو سومار جاکرو، وڏيرو علي ٻارڻ، حسن شورو، دوست علي بڪڪ، حاجي حيدر بڪڪ ۽ ٻين پاران ملھ پھلوانن کي انعام سان نوازيو ويو. جتي خدابخش بڪڪ، فقير علي گوھر ٻارڻ، لياقت بڪڪ ۽ ٻين پاران آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي لونگيون ۽ اجرڪون پھرائي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي کي پٽڪو ٻڌرايو. ان موقعي تي مولوي عبدالقيوم اوٺار ۽ ٻين علماء اڪرامن پاران واعظ ڪرڻ سان گڏ نعت خوان نعت شريف پڙھڻ جي سعادت ماڻڻ بعد صوفي فقير اسلم، بيلجي نواز سرفراز مڱڻيجو، ڊولڪ نواز غلام رسول، فنڪار پپو چانڊيو، اعجاز چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ميلي جي آخري ڏينھن تي پوري سنڌ مان وڏي تعداد ۾ درگاھ جي عقيدتمندن، خادمن ۽ مريدن شرڪت ڪري درگاھ تي پھچي حاضريون ڀري دعائون گھريون، ان موقعي تي ڄام علي اڪبر سمون، محمد حسن سومرو، مقبول احمد جوکيو، محمد ايوب ملاح، محمد يعقوب ٻيليچو، حنيف بڪڪ، سڪندر بڪڪ، سيد ٽانڊو شاھ شيرازي، ولي محمد چانگ، لياقت ٻارڻ، عرفان بڪڪ سميت سوين ماڻھون موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں