ٺٽو زون جي سرپرستي هيٺ رات دير سان شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني، غريب آباد مارڪيٽ، ڌاٻيجي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو 41 هون “يوم تاسيس” وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي): متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) ٺٽو زون جي سرپرستي هيٺ رات دير سان شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني، غريب آباد مارڪيٽ، ڌاٻيجي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو 41 هون “يوم تاسيس” وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. تقريب جي شروعات ڪيڪ ڪٽڻ بعد ڪئي وئي ۽ سمورن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 41 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ضلعي آرگنائيزر ٺٽو زون محمد عيسيٰ جوکيو، ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن، مختلف يونٽن جي عهديدارن، ڪارڪنن، همدردن، ووٽرن، عوام ۽ علائقي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي آرگنائيزر ٺٽو زون محمد عيسيٰ جوکيو خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هن ملڪ جي واحد پارٽي آهي جيڪا غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي عملي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ نمائندگي ڪري ٿي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم (پاڪستان) هڪ تحريڪ جو نالو آهي جنھن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن ملڪ ۾ قائم ٿيل فرسوده نظام، نسل در نسل موروثي سياست ۽ جاگيردارانه نظام جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد ڪئي آهي ۽ هن جدوجهد ۾ تحريڪ جي ساٿين جون لازوال قربانيون شامل آهن جنهن جي ڪري هي تحريڪ اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي. ضلعي آرگنائيزر محمد عيسيٰ جوکيو سڀني ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي هدايت ڪئي ته تحريڪ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۽ تحريڪ جي ڪم کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب ۾ آڻيندي ڪا به ڪسر نه ڇڏين ۽ پنهنجي صفن ۾ اتحاد برقرار رکندي هڪ ٻئي سان مربوط رابطي کي برقرار رکن

اٹک کی خبریں

اپنا تبصرہ بھیجیں