مڪلي تي قائم المڪہ ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ 11 سالا عباس ولد نواز جوکيو سان ساڳئي ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ افغاني پٺاڻ ياسين پاران فحاشي حرڪتون ڪري ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ويئي،

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
مڪلي تي قائم المڪہ ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ 11 سالا عباس ولد نواز جوکيو سان ساڳئي ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ افغاني پٺاڻ ياسين پاران فحاشي حرڪتون ڪري ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ويئي، جنھن جي رڙين تي هوٽل مالڪ پھچي ٻارڙي کي جوابدار جي چنبي مان آزاد ڪرائي جوابدار کي ڀڄائي ڇڏيو، جنھن بعد اھڙي رپورٽ مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرائڻ بعد مڪلي پوليس المڪہ ھوٽل جي سيٺ سھيل پٺاڻ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايس ايڇ او اصغر شاه جي نگراني ۾ پوليس ٽيم فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لا۽ ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، پر جوابدار پوليس کي ھٿ اچي ناھي سگھيو، ٻئي پاسي زيادتي جي شڪار بڻيل نينگر جي والد چيو ته سندس معصوم پٽ سان زيادتي ٿي آهي، هن چيو ته المڪه هوٽل فوري سيل ڪري افغاني ڀڳوڙي جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

======================

اپنا تبصرہ بھیجیں