سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو يارھون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو.

ڪراچي
8 اپريل 2024
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو يارھون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ڏھين اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ يلو لائن بس سروس تي بھ ڳالھيون ڪيون ويون ۽ بس ڊيپوز، پُلين ۽ انڊر پاسز جي اڏاوت تي بھ خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي.
اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آباد ۾ واڌ ٿي رھيو آھي اُن لاءِ سھولتن ۾ بھ اضافو اڻٽر آھي.
ھن چيو تھ صوبي ۾ ماڻھن جي ضرورتن موجب بسن جو تعداد وڌايو ويندو، تھ جيئن ماڻھو بھتر طور تي آرامدھ ۽ سستي سفري سھولتن مان لاڀ ماڻي سگھن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽرانسپورٽ جا منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاھيون ٿا، عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي سنڌ سرڪار جو عزم آھي.
اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايس ايم ٽي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Handout

اپنا تبصرہ بھیجیں