
ڪراچي(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ت سنڌ جي مختلف ضلعن م معمولي برساتن سبب انفراسٽرڪچر جي تباھي بلدياتي ادارن ء ڪرپٽ حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ،لاڙڪاڻي،خيرپور، سکھر سميت سنڌ جي ٻين ضلعن م زندگي جو نظام مفلوج ٿي ويو آهي ،غير معياري ء ناقص مٽيريل سان تعمير ٿيل روڊ برساتي پاڻي م لڙھي ويا آهن ،سنڌ جون حالتون ڏسندي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رھي آھي ،بلدياتي ادارا ء سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ م مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ،سردار عبدالرحيم پنھنجي جاري بيان م چيو ت سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رھي،معمولي برساتن سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ،واھن ء ڪئنالن جي ڪپرن کي گھارا پوڻ سبب ڪروڙين ء اربين رپين جو فصل ب لڙھي ويو آهي ،ماڻھون کليل آسمان ھيٺ بي يار مددگار ويٺل آھن،مگر حڪمران ستل آھن،مچرن جو اسپري ن ٿيڻ سبب معصوم ٻار عورتون ء مرد مليريا ،ڊائريا جو شڪار ٿي ويا آهن ،صوبي م حڪومت نالي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي،ھن چيو ت رليف جي نالي تي اربين رپيا ھڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي ،حيدرآباد،لاڙڪاڻي،سکھر ،خيرپور مان برساتي پاڻي ھيل تائين نيڪال ن ٿي سگھيو آھي ،جنھن ڪاروباري زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي ،ھن چيو ت حڪمران صرف نوٽيس وٺڻ ،سبز باغ ڏيکارڻ ء فضول سرگرمين بجاء عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪن.
=====================
Load/Hide Comments


