توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو صارفين جي حقن جي عالمي ڏينهن تي پيغام

توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو صارفين جي حقن جي عالمي ڏينهن تي پيغام

ڪراچي 15 مارچ 2025: توانائي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه صارفين جlي حقن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته صارفين جي حقن جي حفاظت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سنڌ حڪومت جي هدايت تي انتظاميه عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. هن چيو ته صارفين کي ريليف ڏيڻ لاءِ صوبي جي انتظاميه ناجائز منافعي خورن ۽ مھانگائي پيدا ڪندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري رهي آهي. عوام کي ريليف جي فراهمي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو وژن آهي. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته صارفين پنهنجن حقن جو ڀرپور دفاع ڪن ۽ پنهنجون شڪايتون سنڌ حڪومت جي هدايتن تي قائم ڪيل انتظاميه جي ڪنٽرول رومز تي جمع ڪرائين. هن چيو ته ناجائز منافعي خوري ۽ ھٿرادو مھانگائي عوام جي حقن تي ڌاڙو آهي.

هينڊ آئوٽ نمبر348۔۔۔ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں