سنڌ جي پرائمري استادن کانپوء تعليم کاتي جا ڪلرڪ به سراپا احتجاج بڻجي ويا، ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي تي آپڪا جي سڏ تي ھڪ احتجاجي مظاھرو

ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) سنڌ جي پرائمري استادن کانپوء تعليم کاتي جا ڪلرڪ به سراپا احتجاج بڻجي ويا، ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي تي آپڪا جي سڏ تي ھڪ احتجاجي مظاھرو ضلعي ڪائونسل آفيس مڪلي کان نيشنل پريس ڪلب تائين آپڪا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد الله دراني، صوبائي صدر احمد نواز پٺاڻ، اقبال شاھ، صوبائي پريس ترجمان تاج حسين بروهي، راجو قريشي، ارباب سجاد سمون، عبدالطيف کتري، فهد ٻٻر، رياض شاھ، شريف تنيو، منور شاھ، عبداڪريم ڀاند، انور جاکرو، لياقت عباسي، خير محمد بروھي، محمد شورو، منظور انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي صوبائي وزير تعليم ۽ تعليم کاتي جي پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ سنڌ جي تعليم کاتي جي مختلف ضلعن جي 6 سئو 16 آفيس سپريڊنٽس کي جبري طور تي بدلي ڪري آپڪا جي مرڪزي اڳواڻ اسد الله دراني کي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو آھي ته ٻئي طرف سينيئر استادن کي پريشان ڪرڻ لاء سينيئر استادن کان ٽيسٽ وٺڻ جو راڳ آلاپيو پيو وڃي، ھنن چيو تہ استاد تنظيمن، ڪلرڪ تنظيمن سميت ٻين کاتن جا ملازم هن وقت عتاب جو شڪار بڻيل آھن، پر ملازمن جي جائز مسئلن توڙي ساڻن ٿيندڙ ناانصافين ڏانھن ڪير بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، ان ڪري اهڙي صورتحال ۾ اهي ملازم ۽ تعليم دشمن پاليسيون واپس نه ورتيون ويون ته احتجاجي تحريڪ جو رخ سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۽ سي ايم هائوس ڏانهن موڙيو ويندو. ھنن گھر ڪئي تہ سنڌ ۾ ڪلرڪن جون جبري بدليون فورن واپس ڪرائي، ڏنل شوڪاز واپس وٺي ملازم دشمن پاليسيون ختم ڪري سنڌ جي ڪلرڪن سميت سمورن کاتن جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري کين وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي، آپڪا جي احتجاجي مظاھري ۾ پيراميڍيڪل، لوڪل گورنمنيٽ، روينيو اسٽاف ايسوسئيشن، صحت کاتي، ايگريڪلچر، ايريگيشن، ايجوڪيشن ورڪس، ورڪس سروسز کاتي، پ ٽ الف سميت سمورن کاتن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪندي سمورن کاتن جي ننڍن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں