ٺٽو ڊائري

رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي

ٺٽو:مڪلي تي منعقد ڪرايل ”ٺٽو تاريخ جي آئيني ۾“ تقريب ۾ شريڪ سياسي اڳواڻن اديبن دانشورن ۽ ليکڪن تاريخي ضلعي ٺٽي سميت لاڙ پَٽ کي پاڻي جي عدم فراهمي سبب سنگين خطرا لاحق قرار ڏيندي گڏيل قرارداد منظور ڪندي گريٽر ٿل ڪئنال سميت سنڌو درياءُ مان ڇهن ئي ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو آھي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو واضع ڪندي چيو آھي ته گريٽر ٿل ڪئنال کي به ڪالاباغ ڊيم جيان سنڌ جا ماڻھو سياسي ڌريون توڙي سنڌ حڪومت هر صورت ۾ رد ڪري ٿي تنهنڪري وفاق پاران مختلف جواز ڄاڻائي ڪئنالن جي حمايت ۾ راڳ آلاپڻ واري روش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گريٽر ٿل ڪئنال سميت سمورن ڪئنالن خلاف سخت اسٽينڊ وٺي، سنڌ اسيمبلي مان فوري طور تي سمورن ڪئنالن خلاف گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي وزيرن کي سنڌ جا نمائيندا منهن ٽوڙ جواب ڏين ھن چيو ته 2050 ع کان اڳ ئي ٺٽي توڙي لاڙ واري خطي جي جاگرافيائي بيهڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويندي ڇاڪاڻ جو 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري تيزي سان سمنڊ اڳتي وڌي زرخيز زمينون کائي رهيو آھي ۽ صورتحال ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ ڀيانَڪ ٿي سگهي ٿي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجي مڪلي تي منعقد ٿيل ٺٽو تاريخ جي آئيني ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ۽ آس اخبار سان خصوصي ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڻي جي معاملي سان سلهاڙيل هر قسم جي سازش کي سنڌ برداشت نه ڪندي. سنڌو دريا جي بقاءُ ۽ زرعي معيشيت تي وار خلاف سنڌ جا ماڻھو مزاحمت ڪري رهيا آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ حڪمرانن کي سنڌ جي جدوجهد مهانگي پوندي سنڌي ادبي سنگت شاخ مڪلي پاران مڪلي تي ٺٽو تاريخ جي آئيني ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ناليوارن محققن تاريخدانن ليکڪن شاعرن شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪيا ٺٽو تاريخ جي آئيني ۾ سيمينار کي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري نور چاڪراڻي اڳوڻي سيڪريٽري يوسف سنڌي صوفي شاعر صوفي ذوالفقار علي قادري ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي محمد خان ابڙي رمضان ميمڻ اقبال شاهين حميد مهراڻوي نور سرائي جمشيد جوکيو ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ پنهنجا مقالا پيش ڪيا سيمينار ۾ ناليواري شاعر اقبال شاهين جي شعري مجموعي چشمِ نم جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي ۽ مختلف شاعرن اديبن تاريخدانن صحافين کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا


ٺٽو:ٺٽي شھر جي بخاري محلي وارڊ نمبر ھڪ جي رھواسي نصير بڪڪ جو پٽ چوٿين ڪلاس جو شاگرد عرفان بڪڪ ڪالھ ٻنپھرن جو گھران نڪري اوچتو پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سندس وارث سخت پريشان آھن، جن پاران گھڻي ڳولا باوجود ٻارڙي جي ھٿ نہ اچڻ ڪري سندس گمشدگي جي رپورٽ ٺٽي ٿاڻي تي پڻ درج ڪرائي ويئي آھي، گم ٿي نينگر عرفان بڪڪ جي وارثن موجب ھو ڪالھ گھران نڪتو، پوء گھر ناھي پھتو، جنھن ڪري اسان سخت پريشان اھيون، ھنن چيو تہ کين خدشو آھي تہ ڪٿي کيس اغوا نہ ڪيو ويو ھجي، ھنن چيو تہ سندن ڪنھن سان ڪا دشمني بہ ناھي، ھنن چيو تہ پراسرار نموني گم ٿيل ٻارڙي کي ڪارا ڪپرا پھريل آھن، ھنن وس وارن کي گم ٿي ويل ٻارڙي عرفان بڪڪ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.


ٺٽو:گجو ويجھو قومي شاھراھ تي سوزوڪي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ھڪ پيرسن فوت، نوجوان زخمي، گجو ويجھو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھ گجو/ھاليچي لنڪ روڊ سامھون قومي شاھراھ تي گذريل رات دير سان تيز رفتار سوزوڪي موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ھڻي ڪڍيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڇڇ جھان خان جي ڳوٺ عبدالغني جت جو رھواسي 60 سالہ پيرسن محمد ھاشم جت موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ موٽر سائيڪل ھلائيندڙ مراداڻي جو رھواسي نوجوان مشتاق شورو سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي جو لاش پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ زخمي نوجوان مشتاق شورو سول اسپتال مڪلي ۾ علاج ھيٺ آھي، ّزخمي نوجوان مشتاق شورو ٻڌايو تہ ھو گجو ويجھو ٺٽو/ڪراچي روڊ تي ھئا تہ پويان ايندڙ تيز رفتار سوزوڪي کين زوردار ٽڪر ھڻي سوزوڪي وارو فرار ٿي ويو آھي، جڏھن تہ پاڻ زخمي ٿيڻ سان گڏ ساڻن گڏ موٽر سائيڪل تي سوار پيرسن محمد ھاشم جت فوت ٿي ويو آھي، ھن چيو تہ حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آھي، پر پوليس حادثو ڪندڙ سوزوڪي کي پڪڙي ناھي سگھي، ھن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري ساڻن حادثو ڪندڙ سوزوڪي واري کي پڪڙي فوتي پيرسن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف فوتي پيرسن کي پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن اھي بہ اطلاع آھن تہ گجو پوليس حادثو ڪندڙ سوزوڪي کي پڪڙي ورتو ھو پر وڏي رشوت عيوض کيس ڇڏي ڏنو آھي، اطلاع ملڻ تي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جو خدمتگار غلام قادر جوکيو ۽ ٻيا پڻ اسپتال پھچي ويا، جن زخمي جي عيادت ڪري فوتي جو لاش وارثن سان گڏ پنھنجي ڳوٺ روانو ڪرايو. لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

ٺٽو:لاڙ پٽ جو ڀلوڙ راڳي محبوب خاصخيلي ڪجھ عرصي کان بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو سندس تدفين ميرپور بٺوري ۾ ڪئي وئي سنڌ جي ڀلوڙ عوامي ۽ قومي راڳي مرحوم الھڏنو خاصخيلي جو ڀاءُ محبوب خاصخيلي جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون جھڙي سرويچ سجاولي جي گيت سميت ڪيترائي قومي ۽ عوامي گيت ڳائي مڃتا ماڻي هئي لاڙ پٽ جو ڀلوڙ فنڪار راڳي محبوب خاصخيلي گذريل ڪجھ عرصي کان وٺي جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو رات دير سان کيس تڪليف ٿي پئي جنهن کي جناح اسپتال ڪراچي پهچايو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو محبوب خاصخيلي ناليواري فنڪار مرحوم الهڏنو خاصخيلي جو ننڍو ڀاءُ ۽ مرحوم استاد علي محمد خاصخيلي جو پُٽ ھو لاڏاڻو ڪري ويل راڳي محبوب خاصخيلي جو جنازو مڪلي جي ناريجا ڳوٺ مان کنيو ويو جنازي نماز مڪلي تي ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين سندن اباڻي شھر ميرپور بٺورو ۾ ڪئي وئي محبوب خاصخيلي جي پٽ راڳي مجاهد خاصخيلي چيو ته بابا ڪجھ وقت کان جگر جي تڪليف ۾ مبتلا هو رات شديد تڪليف ٿيڻ بعد کيس ڪراچي جناح اسپتال کڻي وياسين پر هو اسانکان وڇڙي ويو ھن وڌيڪ چيو ته حڪومتي سطح تي بابا جي علاج لاء سرڪار ڪابه مدد نه ڪئي سندس وڇوڙو اسان سميت سنڌ واسين لاء صدمو آھي لاڏاڻو ڪري ويل راڳي محبوب خاصخيلي کي 3 نوجوان پٽ آھن جيڪي ٽيئي مجاهد خاصخيلي منصور خاصخيلي ۽ منصوب خاصخيلي پڻ راڳ سان سلهاڙيل آھن ۽ کيس 3 نياڻين جو اولاد آھي راڳي محبوب خاصخيلي جي اوچتي وڇوڙي تي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي علمي ادبي حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ٺٽو:ٺٽي جي مشهور درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جي سالياني عرس ۽ ميلي جون تقريبون جاري اوقاف کاتي جي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي ميلي تي ايندڙ پانڌيئڙن کان پارڪينگ ٽيڪس جي نالي تي غنڊه ٽيڪس وصول ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري وصولي بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو مڪلي تي درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جي ميلي جي ٻي ڌمال جاري هزارين پانڌيئڙا زائرين پهتل عورتن ۽ نوجوانن پاران سازن تي مست ٿي ڪنڌ ڌوڻي ۽ ڪلٽيون کائڻ سميت مختلف انداز ۾ زائرين پاران درگاھ جي احاطي ۾ باسون باسي سڄي رات ٻارڙن عورتن سان گڏ ويٺل پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي مانيٽرنگ جاري صوبائي وزير اوقاف رياض شاھ شيرازي چيو ته عوامي شڪايتن تي زائرين کان غير قانوني اوڳاڙي برداشت نه ڪئي ويندي اوقاف کاتي جو انتظام درگاھ جي احاطي تائين آهي ٻاهر غير واسطيرا پرائيويٽ ماڻهن پاران زوري اوڳاڙي جون شڪايتون مليون آهن پوليس کي کين گرفتار ڪري غير قانوني وصولين ذريعي زائرين کي پريشان ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں